چيف جسٽس پاران 31 هزار 680 چورس فوٽ زمين جو عطيو

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي 77 هين يوم آزادي جي موقعي تي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهروارن پاران هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس خاندان 31 هزار 680 چورس فوٽ زمين بلوچستان حڪومت کي عطيو ڪئي آهي، ان حوالي سان قاضي خاندان بلوچستان حڪومت کي زمين ڏيڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، خط تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جون صحيحون ٿيل آهن.خط جي متن موجب قاضي خاندان 77 هين يوم آزادي جي موقعي تي پنهنجي زمين قوم کي عطيو ڪئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته عطيو ڪيل زمين زيارت ۾ قائداعظم ريزيڊنسي جي ڀرسان آهي، زمين کي عوام جي مفاد ۾ ماحولياتي مرڪز طور استعمال ڪيو ويندو، قاضي خاندان جي اها زمين 14 آگسٽ تي حڪومت جي حوالي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.