ڪراچي( رپورٽر) سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن سان باضابطه معاهدو ڪرڻ بعد پاڪستان هوٽل ڊولپمينٽ لميٽيڊ ڪراچي جي ريجنٽ پلازه هوٽل جي نالي ۽ ملڪيت اسپتال کي منتقل ڪري ڇڏي آهي. ايس آءِ يو ٽي طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ ايس آءِ يو ٽي جو باني ۽ ڊائريڪٽر پروفيسر اديب رضوي ۽ ايس آءِ يو ٽي ٽرسٽي شبر زيدي سميت ڌرين جا وڪيل ۽ اڪائونٽنٽ موجود هئا. ريجنٽ پلازا پاڪستان هوٽل ڊولپمينٽ لميٽيڊ جي ملڪيت هئي، جنهن گذريل سال سيڙپڪارن کي ٻڌايو ته ايس آءِ يو ٽي 14.5 ارب رپين ۾ ريجنٽ پلازا خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي ۽ اها خريداري جولاءِ ۾ طئي ٿي وئي هئي. ريجنٽ پلازه هوٽل اينڊ ڪنوينشن سينٽر شارجه فيصل تي 13 هزار 200 اسڪوائر گز جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ گهڻ ماڙ عمارت جي ڪل ايراضي 47 هزار 34 چورس گز آهي. 1500 بسترن تي ٻڌل SIUT شهر جي گنجان آبادي واري علائقي ۾ واقع آهي جتي علاج جي اعليٰ معيار، بهترين سهولتن ۽ مفت علاج جي منفرد ماڊل سبب سڄي ملڪ مان مريض علاج لاءِ اچن ٿا. SIUT پاران هن هوٽل جي خريداري ان لحاظ کان اهم آهي ته اهو شهر جي مرڪز ۾ واقع آهي، جنهن جي ڀرسان جناح اسپتال ۽ شهر جون ٻيون وڏيون اسپتالون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون سهولتون به موجود آهن. ريجنٽ پلازه هوٽل اينڊ ڪنوينشن سينٽر شارجه فيصل تي 13 هزار 200 اسڪوائر گز جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي ۽ گهڻ ماڙ عمارت جي ڪل ايراضي 47 هزار 34 چورس گز آهي. 1500 بسترن تي ٻڌل SIUT شهر جي گنجان آبادي واري علائقي ۾ واقع آهي جتي علاج جي اعليٰ معيار، بهترين سهولتن ۽ مفت علاج جي منفرد ماڊل سبب سڄي ملڪ مان مريض علاج لاءِ اچن ٿا. SIUT پاران هن هوٽل جي خريداري ان لحاظ کان اهم آهي ته اهو شهر جي مرڪز ۾ واقع آهي، جنهن جي ڀرسان جناح اسپتال ۽ شهر جون ٻيون وڏيون اسپتالون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جون سهولتون به موجود آهن.