اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ ڀارت خلاف ٺهراءُ جي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ) پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي اسيمبلي ۾ ڀارت خلاف ٺهراءُ جي مخالفت ڪري ڇڏي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ محمود خان اچڪزئي چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن آئين ۽ پارليامينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون، جيڪڏهن ايوان کي ايئن هلايو ويو ته هلڻ نه ڏينداسين، اچڪزئي چيو ته مون ڪشمير بابت قرارداد جي مخالفت ڪئي، قرارداد ۾ ترميم چاهيان ٿو، اسان هميشه آزادي جي تحريڪن جي حمايت ڪئي آهي، ڪشميرين کان پڇيو وڃي ته هو ڪيڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، محمود خان اچڪزئي چيو ته اسيمبلي ميمبر حاجي امتياز کي ڪير کڻي ويو آهي؟ جيڪو ميمبر کي برآمد نٿو ڪري سگهي ان کي اسپيڪر ٿيڻ جو ڪو حق ناهي، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ڪشمير پاڪستان ئي بڻجندو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته توهان مون کي حوالدار سڏيو آهي، حوالدار پاڪستان جي دفاع جي پهرين صف آهي، اياز صادق چيو ته مون کي حوالدار تي فخر آهي، قرارداد جي مخالفت ٿي سگهي ٿي پر ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.