اسلام آباد(م ڊ) ايف بي آر چيئرمين چيو آهي ته ايف بي آر آفيسرن کي هٽائڻ لاءِ لسٽون ايجنسين کان اينديون آهن.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ٻارن جي اسٽيشنري تي ٽيڪس جو ذڪر ڪيو ويو.سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ سوال ڪيو ته توهان مون کان ٽيڪس وٺو، مان توهان کي منع نه ڪندس، پر معاملو ٻارن جو آهي، ٻارن کي پڙهڻ ڏيو، ٻارن جي اسٽيشنري تي ٽيڪس ڇو نه ختم ڪيو ويو آهي، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٻارن جي تعليم ته سستي ڪرڻ گهرجي. چيئرمين ايف بي آر امجد زبير ٽوانه چيو ته اسان ان حوالي سان آءِ ايم ايف کي خط لکي سڄي رات آءِ ايم ايف سان گڏ ويٺاسين پر آءِ ايم ايف رڳو درسي ڪتابن ۽ اخبارن تي ٽيڪس ختم ڪرڻ جي اجازت ڏني.ناڻي واري وزير چيو ته ڪيترن ئي شين تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪيتريون ئي فلاحي اسپتالون آهن جن تي ٽيڪس لڳايو وڃي.فاروق ايڇ نائيڪ اعتراض ڪيو ته توهان آغا خان اسپتال کي خيراتي اداري ۾ رکيو آهي، پر توهان کي خبر آهي ته ان جي فيس ڪيتري آهي؟ سينيٽ جي فنانس ڪميٽي ۾ ايف بي آر آفيسرن کي او ايس ڊي بڻائڻ جو معاملو به بحث هيٺ آيو.چيئرمين چيو ته لسٽن ۾ چيو ويو آهي ته اهڙن آفيسرن کي هٽائي پول ۾ وجهو.ايف بي آر چيئرمين چيو ته اسان کي اهي لسٽون هر مهيني وزيراعظم آفيس مان ملنديون آهن، مختلف ادارن کان به اسان کي لسٽون ملنديون آهن،