گهارو ( ن ع آ ) گذريل رات دير سان 32 سالن جي پورهيت جانو ملاح کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي ڀنڀور لڳ سمنڊ ۾ لوڙھڻ جوانڪشاف ٿيڻ بعد گهارو پوليس قتل جي الزام هيٺ گهارو ٿاڻي جي پوليس اهلڪار عديل ڪڇي ۽ جلال بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آھي.گهارو پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار پوليس اهلڪار عديل ڪڇي ۽ جلال بلوچ پاران جانو ملاح کي قتل ڪري سمنڊ ۾ لوڙھڻ جو اعتراف ڪيو آھي ۽ گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ موٽرسائيڪل برآمد ڪئي ويئي آھي.مقتول نوجوان ڪوسٽل هائي جو رهواسي آھي. گهارو پوليس پاران لاش جي ڳولا جاري آھي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.