اسماعيل هانيا جي شهادت بعد يحيٰ سنوار حماس جي سياسي ونگ جو نئون سربراهه مقرر

دوحه(م ڊ) يحيٰ سنوار فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سياسي ونگ جو نئون سربراهه مقرر ٿي ويو آهي،حماس پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو آهي  ته اسماعيل هانيه جي شهادت کانپوءِ هاڻي يحيٰ سنور حماس جي سياسي آفيس جو سربراهه هوندو.يحيٰ سنوار اڳ ۾ غزه ۾ حماس جو سربراهه هو، واضح رهي ته حماس جي سياسي آفيس جو اڳوڻو سربراهه اسماعيل هانيه 31 جولاءِ تي تهران ۾ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿي ويو هو.اسماعيل هانيه ايران جي نئين چونڊيل صدر جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران آيل هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.