گهاري ويجهو نوجوان کي قتل ڪري لاش سمنڊ ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف، 2 جوابدار گرفتار

گهارو ( ن ع آ )  گذريل رات دير سان 32 سالن جي  پورهيت جانو ملاح کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش کي ڀنڀور لڳ سمنڊ ۾ لوڙھڻ جوانڪشاف ٿيڻ بعد گهارو پوليس قتل جي الزام هيٺ گهارو ٿاڻي جي پوليس اهلڪار عديل ڪڇي ۽ جلال بلوچ کي گرفتار ڪري ورتو آھي.گهارو پوليس دعويٰ ڪئي آھي ته گرفتار ڪيل ٻئي جوابدار پوليس اهلڪار عديل ڪڇي ۽ جلال بلوچ پاران جانو ملاح کي قتل ڪري سمنڊ ۾ لوڙھڻ  جو اعتراف ڪيو آھي ۽ گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ موٽرسائيڪل برآمد ڪئي ويئي آھي.مقتول نوجوان ڪوسٽل هائي جو رهواسي آھي. گهارو پوليس پاران لاش جي ڳولا جاري آھي. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.