نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ تي ڪا پابندي ناهي: طارق فضل چوڌري

لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طارق فضل چوڌري جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي پرڏيهه ملڪ وڃڻ تي ڪا پابندي ناهي، اهي رڳو افواهه  پکيڙيا پيا وڃن. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اپوزيشن جا ڪجهه ماڻهو بنگلاديش جي صورتحال تي ڳالهائي رهيا آهن، 2018 کانپوءِ تحريڪ انصاف سياست کي ورهايو، سياست ۾ ڏڦيڙ ۽ نفرت گهٽين ۽ محلن جي سطح تائين آندي وئي. طارق فضل چوري جو چوڻ هو ته اتحادين کي گڏ کڻي هلي رهيا آهيون، احتجاج سڀني جو حق آهي پر اهو احتجاج هجڻ گهرجي، شهر بند ڪرڻ، پوليس جون گاڏيون ساڙڻ، ادارن تي حملا ڪرڻ ڪهڙو احتجاج آهي؟ ڪاروبار معطل ڪرڻ ڪهڙو احتجاج آهي؟ ائين نه ٿيڻ گهرجي.

اسان رياست کي بچائڻ لاءِ سياست کي قربان ڪيو آهي، پاڪستاني فوج جون ملڪ لاءِ قربانيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.