ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پنهنجي اعلاميه ۾ چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع ۾ متنازعي وادي جي خود مختيار حيثيت کي ختم ڪرڻ تي ڀارتي پارليامنيٽ جي عمل سخت الفاظ ۾ مذمت ڪريون ٿا .مودي جي حڪومت ڪشمير کي ٻه مرڪز جي زيرانتظام علائقن کي ويڙهه ڇڏيو آهي .رياست جي پنهنجي حڪومت هوندي آهي قانون پاس ڪرڻ جو اختيار هوندو آهي .ڀارتي حڪومت جو يڪرفي ۽ غيرقانوني قدم پرڏيهي ۽ڪشمير ي عوام جي بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي .سنڌ هاءِ ڪورٽ بار گڏريل قومن جي ٺهراءَ جي موجب ڪشميري عوام ۽ هنن جي حق خوداراديت سان گڏ آهي .