ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي لياري ۾ 2 گهرن جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ عورت سميت 7 زخمي ٿي پيا. لياري جي علائقي ميوا شاهه روڊ تي ڇاڇي اسٽريٽ تي چاڪيواڙا پوليس ٿاڻي جي ويجهو رهائشي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 مزدور فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا. حادثي جو اطلاع ملندي ئي مقامي پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي علائقي واسين جي مدد سان ملبي هيٺان دٻيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي ايڌي ايمبولينس ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ 30 ورهين جي حسين علي ۽ 28 ورهين جو منصور طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ ڪامران. شڪور ، موسيٰ ، آفتاب ۽ عبدالرحمان شامل آهن. فوت ٿي ويلن جو تعلق هڪ ئي ڳوٺ نندو تارو ضلعي خيرپور سان آهي. پوليس ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي واسين کان واقعي جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن. عبدالله هارون روڊ، لياري کڏا مارڪيٽ بازار، فردوس مسجد، ڪلري واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪري پئي. علائقي واسين جي مدد سان امدادي ٽيمن هڪ زخمي عورت ۽ هڪ مرد کي سول اسپتال منتقل ڪيو. زخمين جي سڃاڻپ 27 ورهين جي علي اڪبر ولد احمد ۽ 50 ورهين جي نذيره بيبي زال رحمت طور ٿي آهي. زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي.