عدالت پاران ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ واري منصوبي تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم

ڪراچي ( رپورٽر )سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي هاڪس بي ايريا ۾ ڊي ايڇ اي کي 6 هزار ايڪڙ زمين ڏيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي،  عدالت سنڌ حڪومت کي الاٽمينٽ تي وڌيڪ ڪارروائي کان روڪي ڇڏيوآهي . عدالت صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناظر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ناظر صورتحال جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪري .عدالت علائقي جي رهواسين کي گهرن مان ڪڍڻ کان به روڪي ڇڏيوآهي . عدالت مقامي رهواسين کي حراسان ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيوآهي . عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 17 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي . عدالت وڪيلن کان پڇاڻو ڪيو ته هي زمين ڪنهن جي ملڪيت آهي؟ ايڊووڪيٽ عاقب راڄپر چيو ته انگريزن جي دور کان وٺي ماڻهو ان تي رهن ٿا.ماڻهن کي بي دخل ڪري ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ ڪئي پئي وڃي.درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ  چيو ته پوليس علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي . وڪيل وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي زمين الاٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي. ياد رهي ته 6 هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ خلاف علائقي واسين ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان درخواست داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.