سڪرنڊ(رپورٽ: راج ڪمار اوڏ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي نوابشاھ جو ورڪز اجلاس مرڪزي صدر سيد زين شاھ جي صدارت هيٺ سنڌ پيليس سڪرنڊ ۾ منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پارٽي جي ڪارڪردگي پڻ پيش ڪئي وئي روشن علي ٻرڙو، منير نائچ. جڳديش آهوجا ، حافظ زين ڀٽو ، غلام مصطفيٰ ڪيريو ، مجيب ماڇي ، اسلم ڪوريجو ۽ ٻين خطاب ڪيو، آخر ۾ ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو ته گذريل هٿرادو اليڪشن ذريعي جعلي نتيجا آڻڻ جون حقيقتون پوري سنڌ ۾ در در وڃي پهچائي رهيا آهيون ملڪ جو آئين ٺاهڻ ۾ صوبن جي حقن جي پائمالي ۽ 40 واري قرارداد کي نه مڃڻ واري صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي هن چيو ته جڏھن ملڪ غريب ٿيندو آهي تڏھن عام ماڻھو به غريب ٿي ويندو آهي هن وقت پيداگير حڪمرانن ۽ سياسي ماڻھن ملڪ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي جڏھن ته سنڌ جا قدرتي وسيلا زمينون ، ٻيلا ، ٻيٽ ۽ ٻيا وسيلا وڪرو ڪري پنهنجو بڀ ڀري رهيا آهن جنهن جي جي اسان نه صرف سخت مذمت ڪيون ٿا پر ان کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش به ڪنداسين ۾ مزاحمت به ڪنداسين سيد زين شاھ اهو به چيو ته پوليس ذريعي سياست ڪرڻ ۽ خاص ڪري اتر سنڌ ۾ ماڻھن کي ڀوتارن ذريعي هيسايو پيو وڃي اسين انهن خلاف نڪتا آهيون ان کان اڳ تعلقه صدر ايوب کوسو آيل مهمانن کي آجياڻو پيش ڪيو جڏھن ته قاسم سومرو ، چڱل خان انڙ ، علي سومرو ، شوڪت ميمڻ ، محمد بچل ڏھيو ، محمد خان گدارو سميت پارٽي ورڪرن آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪيو اجلاس دوران قومي ورڪر شاهنواز خاصخيلي قومي گيت پيش ڪيو