ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ڪم جي ناهي،وزيراعظم ونگ بند ڪري: عظميٰ بخاري

لاهور (م ڊ) پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ايف آءِ اي سائبر ونگ وٽ پنهنجي شعبي ۾ ڪا به مهارت ناهي،وزيراعظم کي گهرجي ته کيس بند ڪري ڇڏي،  لاهور هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته چيف جسٽس معاملي کي سمجهي ٿو، منهنجي خيال ۾ چيف جسٽس معاملي جي انتها تي وڃڻ چاهي ٿو.  سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ايف آءِ اي جي سائبر ونگ وٽ پنهنجي شعبي ۾ ڪا به ماهر ناهي ۽ اهو ادارو ٽڪي جي ڪم جو به ناهي، وزيراعظم کي عرض آهي ته ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ کي بند ڪرائي ڇڏي.   عظميٰ بخاري چيو ته اسان کي ان ڪم کي روڪڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اڄ مان آهيان ۽ سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو، هنن کي کين عزتون اڇلائڻ جو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ جڏهن کان هن فتني پارٽي جو وجود سامهون آيو آهي، فيڪ وڊيو جي تربيت نه گهر جي آهي ۽ نه ئي پارٽي جي آهي، ائين اسان کي به ڪرڻ اچي ٿو،

  1. عدالت پاران گم ٿيل 12 ڄڻن جي بازيابي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪراچي جي مختلف علائقن مان 12گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي حوالي سان ڪيسن  جي ٻڌڻي ڪئي . عدالت پوليس کي ماڻهن جي بازيابي جي مختلف ادارن کي خط لکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي .عدالت سنڌ حڪومت ،گهروکاتو سنڌ،آءِ جي سنڌسميت ٻين کان ٽي هفتن اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .گم ٿيل ماڻهن ۾ شاهه وزير،پروين بي بي ،بني شاه سميت ٻيا شامل آهن .

  1. اليڪشن ڪميشن ڪي پي اسيمبلي جا 58 ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل ڪري ورتا

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا اسيمبلي جي 58 ميمبرن کي پي ٽي آ3 ۾ شامل ڪري ورتو. لسٽ خيبرپختونخوا اسيمبلي کي ملي وئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ٻين 34 ميمبرن کي آزاد قرار  ڏنو ويو. لسٽ موجب اليڪشن ڪميشن ڪي پي جي اڪثر صوبائي وزيرن کي آزاد قرار ڏنو آهي، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي تحريڪ انصاف جو اسيمبلي ميمبر مڃيو ويو آهي. لسٽ ۾ ڪي پي ڪابينا جي 8 ميمبرن جا نالا شامل نه آهن، جن کي آزاد قرار ڏنو ويو. ڪي پي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 92 آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.