ڪراچي/حيدرآباد/سکر( رپورٽر/نمائندا) سنڌ سميت ملڪ ۾ برساتن جو تيز سلسلو جاري آهي، مختلف واقعن ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڏوڪري ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جاري، ڏوڪري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان چوماسي برسات وقفي وقفي سان سلسلو هلندڙ، برسات پوڻ سبب روڊن رستن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو. گمبٽ ۾ برسات سبب گمس سٽي اسپتال جي ٻارن جي وارڊ جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا. غوثپور شهر جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات پوڻ سبب ڪيترن ئي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا گهر ڊهي پٽ ٿي پيا ڪنڌ ڪوٽ جي سوشل ورڪر دليپ ڪمار پاران غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي مدد ڪري ڪپڙا ۽ راشن ورهايو ويو. باھو کوسو لڳ برسات ۾ گھر جي ڇت ڪرڻ سبب ڏاڏي معصوم پوٽي سميت فوت. ڳوٺ حاجي شاھ دوست بنگلاڻي ۾ تيز برسات دوران گھر جي ڪچي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي گھر اندر ستل 50 ورھين جي مسمات عائشه بنگلاڻي زال محمد اسحاق بنگلاڻي سندس معصوم پوٽو 4 ورھين جو محمود بنگلاڻي پٽ نويد احمد بنگلاڻي ڌٻجي فوت ٿي ويا نيگر جي امڙ 25 ورھين جي مسمات نھالان خاتون بنگلاڻي زال نويد احمد بنگلاڻي زخمي ٿي پئي. خيرپور ۾ مسلسل ٽن ڏينھن کان جاري برسات سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي، شهر جا مک علائقا پاڻي هيٺ، ضلعي انتظاميا ۽ ميونسپل ڪاميٽي خيرپور برساتي پاڻي جي نيڪال ۾ مڪمل ناڪام بڻجي وئي. ٽن ڏينھن واري برسات سبب کجي جي بمپر فصل کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي، جنهن ڪري کجي جي ننڊن آبادگارن جا هٿ مٿي تي اچي ويا آهن. نوشھرو فيروز ضلعي اندر مسلسل 10ڪلاڪ کان برسات شھرن توڙي ٻھراڙين ۾ 3 کان 4 فوٽ پاڻي بيھي ويو،فصلن کي ڪاپاري ڌڪ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ گھرن جون ڇتيون ڪرڻ سبب ھڪ عورت فوت ٿي وئي. 7 ڄڻا عبدالصمد ۔نصسيبا ليلان ۔حيدر علي ۔ محبوب ۔سرمد ۔نواب زخمي ٿي پيا. سانوڻي واري برسات اوڏيرولال ۽ آسپاس وارن علائقن ميانداد ساهووال، غازي خان ساهووال، محرم کوسو، عبدالحڪيم ڇٽو، ڀائو خان پٺاڻ، هالا حويلي، چنيسر ڇٽو سميت ٻين ڳوٺن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي. برسات سبب گهٽيون ۽ روڊ پاڻي سان ڀرجي ويا، ڪپهه جي فصل کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي. آبادگارن سعيد احمد جدگال، محمد شريف ساهووال، محمد صديق ميرجت، محمد حسن خاصخيلي، عرس خاصخيلي، علي محمد ڪنڀر، گل حسن بالادي، اڪبر بالادي، حاجي جان محمد بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي برسات سبب سندن پوکيل فصل ڪپهه، بصر ۽ ڀاڄين کي ڪاپاري نقصان پهتو آهي. سانوڻي واري برسات اوڏيرولعل وليج ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي. پريالوءِ ۾ برسات سبب کجين جي فصل کي پڻ سخت نقصان رسيو. قاضي احمد رات 12 وڳي کان لڳاتار برسات وسڻ جو سلسلو جاري رهيو بجلي بند آھي . سيوھڻ تعلقي ۽ ان جي ڀرپاسي ڪالھ رات کان 10 ڪلاڪ کان مسلسل تيز ۽ ھلڪي برسات جو سلسلو جاري رھڻ سبب شھر جي ھيٺانھن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو پر ان سان گڏوگڏ برسات بعد موسم خوشگوار بنجي وئي ۽ گرمي جي ستايل شھرين ڪجهه سک جو ساھ کنيو آهي, ٻئي برسات لڳاتار جاري رھڻ ڪري بجلي سميت ٻيو مواصلاتي نظام درھم برھم ٿي ويو. جابلو نئيون وھي اچڻ ڪري منڇر ڍنڍ جي سطح ۾ اڌ فٽ اضافو ٿيڻ بعد منڇر جي سطح 9 فٽ ٿي وئي آهي. شھدادپور شھر ۾ رات ڏينھن وسندڙ برسات شھر جي رستن کي ٻوڙي چڏيو ڪيترائي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آھي جڏھن ته لڳاتار وسندڙ برسات سبب ووئڻن جي فصل کي نقصان جو اندشو آهي. سلطانپور ڀرسان جوڻاس مائنر ۽ مهيسرو مائنر کي 30 ٽيھ ٽيھ فٽ جا گهارا گهاري پوڻ سبب ڪيترن ئي ايڪڙن تي بيٺل ڦٽين، سارين، ڪمند جو فصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي ٻارنهن ڪلاڪن کان پوءِ بند ڪري ڇڏيو. بھرام ۾ تيز برسات پوڻ بعد شهر ۾ بيٺل پاڻي تلاءٔ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. بروھي محله، پتوجا محلا، کوکر محلا، کنڊ محلا، مگسي محلا، ريلوي گرائونڊ سميت عيد گاھ پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي. وڏي وزير جي اباڻي شهر ۾ برسات ۽ سيوريج پاڻي شهر جو نقشو بدلائي ڇڏيو. ٽائون ڪاميٽي ڀان آفيس ۾ برسات ۽ گٽر جو گندو پاڻي ٽن فوٽن ٿي بيهڻ سبب ٽائون ۾ پيل لکين روپين جو فرنيچر خراب ٿي ويو. ڀان شهر جي غفور شاه محلا ۾ پاڻي بيهڻ سبب محلا واسين شهرين پرديپ ڪمار ، محمد علي پنهور ، جلال خان ٽائون انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڀرياروڊ ۾ برسات پئي، اسٽيشن روڊ، ڦاٽڪ، گاڏي کاتي روڊ تي برساتي ۽ گندو پاڻي بيهي ويو. پريالوء ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر درياهه جو پاڻي اٿلڻ سبب ٽي حصا پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي 40 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ڳوٺاڻن طرفان 2010 ۽ 2015 واري ٻوڏ دوران ٿيل نقصان کي نظر ۾ رکندي پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ جو سلسلو تيزيءَ سان شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته برساتن سبب الرا جاگير بچاء بند کي 5 کان 10 فٽن تائين روڻيون پئجي ويون آهن. ٽنڊي آدم لڳ روهڙي ڪئنال کي 100 فوٽ گهارو لڳي ويو سوين ايڪڙ فصل تباھ 5 ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. گهاري جو پاڻي ڳوٺ عالم ڏيرو کي ٻوڙڻ کانپوء وڌيڪ 4 ڳوٺن مٺن ڏيرو، ڪريم ڏنو چنا، الهڏنو چنا، جڙيو ڏيرو ۾ داخل ٿي ويو. انتظاميا پاران متاثرن لاء پبلڪ اسڪول ۾ قائم ڪيل ڪيمپ ۾ پناھ وٺڻ سميت ڪيترائي متاثر پنهنجي مائٽن وٽ پناھ ورتي۔ گهارو وڌڻ سبب پاڻي جي وهڪري ۾ تيزي سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل ۽ زرعي زمينون به پاڻي هيٺ اچي ويون آھن جنهن سبب آبادگارن جا ڪروڙين روپين جا انبن جا باغ، ڪيلا، ڪمند ۽ ڦٽي جا فصل پاڻي هيٺ اچي ويا آھن. جوهي ڪاڇي نئن گاج گورک کير ٿر جبل ۽ پهاڙي علائقن تي گذريل ٽن ڏينهن کان گجگوڙ ۽ کوڻن سان برسات پوڻ ڪري ساوڻي جي ٽئين وسڪاري سبب نئن گاج 8 فٽ 6 فٽ ۽ آچر ڏھاڙي پنج فوٽ وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جي يونين ڪائونسل ڊرگه بالا کان ڦاٽ ٽٽڻ سبب پاڻيي بهار شاھ ڍورو ٽپي جوهي طرف وڌندي ايف پي بند سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سبب آرڊي 45 ۽ آرڊي 38 طرف تيزي سان جاري هئڻ ڪري بند ۾ روڻيون پئجي ويون. جوهي جي ڪچي آبادي ۽ پڪي آبادي جي هيٺائين وارن علائقن ۾ ٽن کان چئن فٽن تائين برساتي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري ٻه سئو کان وڌيڪ مسڪين پورهيت ماڻھن جا گهر ڊھي پيا. هوڏانهن ايف پي بند ۾ گاج جي پاڻي ٽڪرائجڻ بعد گاج گجگوڙ سان وھي اچڻ ڪري جوهي تعقي جي پوڻا چار لک اٽڪل آبادي جو 2022 جي ٻوڏ جيان ساھ مٺ ۾ اچي ويو آھي. ٺل شهر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ تباهي مچائي ڇڏي آھي. برسات سبب ماڻھن جا ڪکائوان گهر، گھرن جون ڇتيون ڪري پيون. برسات سبب موسیٰ الله آباد شاخ کي 50 فوٽ جو گهارو۔انيس مائينر شاخ کي 40 فوٽ جو گهارو۔ سون واھ ٺل شھر کي 30فوٽ جو گهارو۔ڳوٺ گل بيگ کوسو جي جنگو شاخ کي 20 فوٽ گھارو۔موسیٰ الله آباد کي ڳوٺ قابل وٽان 50 کان 60 فوٽن جو گهارو لڳڻ سميت ڪيترن ئي ننڍن شاخن کي لڳل گهارا بند نه ٿي سگهيا. حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ گذريل رات کان شروع ٿيل برسات ڪالهه آچر ڏينهن به وقفي وقفي سان جاري رھي ، برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي. برسات شروع ٿيڻ شرط شھر جي اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي ۽ حيسڪو جا فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري شھر اونڌاهي ۾ ٻڏي ويو، بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ماڻھن کي سخت ڏکيائين کي منھن ڏيڻو پيو ۽ ڪجھه علائقن ۾ ڪالھه شام تائين بجلي بحال نه ٿي سگهي ھئي، ٻئي لاڳيتي ھلندڙ برسات سبب لطيف آباد 6 نمبر ڪرسچين ڪالوني ۾ ھڪ گھر جي ڀت ڪرڻ سبب ملبي هيٺ دٻجي ٻه ڄڻا 40 ورهين جو پرويز ۽ 40 ورهين جو نسيم زخمي ٿي پيا, جن کي علاج لاءِ ايڌي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. سلطانپور ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ سانوڻي جي پهرين برسات گرمي جو زور ٽٽي ويو موسم خوشگوار ڇنڇر جي رات ۽ ڏينهن جو وقفي وفقي سان پيل برسات کانپوءِ زوردار برسات تباهي مچائي ڇڏي.ڪنڊيارو شهر ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ تيز برسات جو سلسلو جاري آهي،ٽن ڏينهن کان جاري برسات باوجود ٽائون ڪميٽي ۽ نيشنل هائي وي اٿارٽي عملو منظر تان غائب آھي. ڪوٽڏيجي ۾ ٽن ڏينهن کان برسات تباهي مچائي ڇڏي، پڙن تي پيل ڏوڪا، ڇوهارا خراب ٿي ويا. ڳڙھي خيرو ۾ 2 ڏينهن کان وقفي وقفي سان ھلندڙ برسات تباھي مچائي ڇڏي. ميرانپور جي ٻرڙا شاخ ڀر سان ڳوٺ لعل محمد رواھي وٽ بيگاري کي رات جي وقت 100 فٽن جو لڳل گھارو, ڪو به آبپاشي عملدار گھاري واري ھنڌ نه پھتو لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ آندل مهر ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ دوران نوجوان فوت ٿي ويو. برسات دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب آندل ڳوٺ واسي نوجوان عبدالرزاق پٽ امان اللّه مهر دٻجي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث تعلقه سول اسپتال لکي منتقل ڪيو جتان ڊاڪٽرن جواب ڏنو ۽ گمبٽ اسپتال ريفر ڪيو ويو جنهن بعد وارث نوجوان کي گمبٽ آسپتال کڻائي ويا جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو آهي. نواب شاھ ۾ مسلسل ڏھ ڪلاڪن جي برسات تباھي مچائي ڇڏي، شھر جا ڪاروباري مرڪز ۽ رھائشي علائقا برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، روڊ رستا نالن جو ڏيک ڏيڻ لڳا. نئون ديرو ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ ساوڻي مينهن ٻئي ڏينهن به جاري رهيو. ٻئي ڏينهن تيز وسڪاري سبب نئون ديرو جي غريب آباد پاڙي ۾ پورهيت حاجي سومرو جي گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي. ڇت ڪرڻ جي آواز تي پاڙيسرين پهچي ڇت هيٺان آيل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي گهر ڀاتين جون جانيون بچائي ورتيون. ملڪ جي مختلف هنڌن تي برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. چترال، زوب، سوات ۽ ٻين ندين ۾ چاڙهه اچي ويو، بلوچستان ۾ ناڙي، لهڙي، ئي گاج، بولان، لاهري ۽ مولا سميت اهم درياهن ۾ اونڌي سطح جي ٻوڏ آهي، انهن دريائن جي ويجهو زيارت، هرنائي، ژوب، سنجاوي، لورالائي، قلعه سيف الله، مسلم باغ ۽ خانزئي ۾ گذريل ٽن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. ڪوهه سليمان ۾ به برساتن سبب نديون وهي آيون.
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ 11 آگسٽ کان امڪاني طور وڏي برسات جي اڳڪٿي ۽ سنڌ حڪومت جي طرفان برسات جي نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ تياري جو ڪم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ڪالهه آچر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ امڪاني وڏي برسات جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن؛ شرجيل ميمڻ، سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري بلديات خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم رحيم شيخ، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سلمان شاهه، چيف ميٽولوجسٽ ڊاڪٽر سرفراز ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيرو ۽ سمورن ڊويزز جا ڪمشنرز زوم ذريعي شريڪ ٿيا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جيتوڻيڪ برساتن جو ھاڻوڪو سلسلو سٺي ريت گذري چڪو آهي. وڏي وزير آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته بلوچستان ۾ تيز برساتن سبب منڇر ڍنڍ جي سخت نگراني ڪئي وڃي. هن سيڪريٽري آبپاشي کي هدايت ڪئي ته هو لاڳاپيل آفيسرن کي الرٽ ڪن ته جيئن منڇر ڍنڍ جي سطح وڌڻ سان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير ڀان سيد آباد، جوهي ۽ ٻين هنڌن تي برساتي پاڻي جي نيڪال جون هدايتون پڻ جاري ڪيون .اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن سال آگسٽ ۾ معمول کان وڌيڪ مينھن وسڻ جي اڳڪٿي آهي، خاص ڪري سنڌ ۽ پنجاب ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي. چيف ميٽرولاجسٽ ڊاڪٽر سرفراز وڏي وزير کي ٻڌايو ته برساتن جو ھاڻوڪو سلسلو 6 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو. برساتن جو ايندڙ سلسلو 11 ۽ 13 آگسٽ جي وچ ۾ اچڻ جو امڪان آهي. آگسٽ جي آخري ڏينهن يعني 18، 20 ۽ 21 تي هلڪي ۽ تيز برسات جو امڪان آهي، مجموعي طور تي آگسٽ مھيني ۾ مينھن وسندو رھندو. موسم جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سيپٽمبر ۾ به برسات معمول کان وڌيڪ پوڻ جو امڪان آهي. چوماسيءَ جو سلسلو 15 کان 20 سيپٽمبر 2024 تائين جاري رهندو. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سنڌو درياهه جي صورتحال کان آگاهه ڪندي چيو ته اڄ گڊو بئراج جي صورتحال هيٺين سطح واري ٻوڏ جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. هن چيو ته بلوچستان مان برسات جو پاڻي اڃا سنڌ ۾ داخل نه ٿيو آهي، امڪان آهي ته حمل ڍنڍ ۾ ٻوڏ اچڻ کانپوءِ منڇر ڍنڍ جي سطح به وڌي ويندي، پر هن وقت ٻنهي ڍنڍن جي صورتحال معمول تي آهي. سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي ۾ 0.4 فوٽ پاڻيءَ جو اضافو ٿيو آهي.