اسلام آباد(عمر چيما) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز لنڊن ۾ ڪيس کٽي ورتو،برطانيا ۾ پاڪستاني نيوز چئنل 92 جي نشريات بند ٿي وئي، لنڊن ۾ 92 نيوز چئنل تي هڪ خبر لڳي هئي ته نوازشريف جي وزارت اعظميٰ دوران مريم نواز توشا خانه مان 10 لک رپين جي گهڙي ڪجهه هزارن ۾ خريد ڪئي هئي،اها خبر ڪوڙي نڪتي،مريم نواز برطانيا ۾ چئنل انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪرايو، چئنل جي وڪيلن انتظاميا کي آگاهه ڪيو ته جيئن ڪيس اڳتي وڌيو ته اسان کي ڳرو ڏنڊ ڀرڻو پوندو ان ڪري مشورو آهي ته چئنل هلائيندڙ ڪمپني بند ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ چئنل جي نشريات برطانيا ۾ بند ڪئي وئي آهي.