چونڊن جا چوٻول ۽ سياسي پارٽين ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه

تحرير: غلام حسين لغاري

سنڌ جو ڊگهو وقت گورنر رهندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد هڪ ڀيرو ٻيهر منظرعام تي اچي ويو آهي، جنهن بابت اهي اطلاع آهن ته هو جلد پاڪستان لاءِ اڏام ڀرڻ وارو آهي. جتي هو پهچندي پنهنجي نئين سياسي پارٽي جو اعلان ڪندو، جنهن لاءِ هن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ اعلان به ڪيو آهي. سنڌ جو اڳوڻو گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڏهاڪو سالن کان دبئي ۾ قيام پذير آهي، جتان هو پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي گهري نظر رکندو رهيو آهي ۽ هن وقت کيس پاڪستان جو ۽ پاڪستاني ماڻهن جي ڏکن سورن جو احساس جاڳيو آهي. هن هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ملڪ هن وقت فارم 45 ۽ فارم 47 واري معاملي ۾ ڦاسي چڪو آهي، جنهن ٻيا به ڪيترائي آئيني قانوني ۽ معاشي بحران پئدا ڪري ڇڏيا آهن پر عوام مهانگائي ۽ معاشي مسئلن جي ڄار ۾ وڪوڙجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 2022 ۾ اقتدار وٺڻ بدران ان وقت ئي چونڊون ڪرايون وڃن ها ته ملڪ ڪنهن به ٻئي بحران طرف نه وڌي ها.

سنڌ جو اڳوڻو گورنر ۽ متحده قومي مومينٽ جي اڳواڻ پاڪستان ڪڏهن ٿو اڏام ڀري ۽ سندس نئين سياسي پارٽي جو نالو ۽ نشان ڪهڙو هوندو، اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو. هو پنهنجي طور پارٽي ٺاهي رهيو آهي يا پارٽي ساز ڪي ٻيا آهن جن شاهد خاقان عباسي ۽ جهانگير ترين ۽ عليم خان کان به پارٽيون ٺهرايون آهن ۽ اهڙين پارٽين جو مقصد ڪهڙو آهي، هر ڪو ڄاڻي ٿو ۽ نيون پارٽيون ملڪ کي ڪيترو مستحڪم ڪري سگهن ٿيون.حقيقت ۾ طاقتور ماڻهن جو  ننڍين ننڍين پارٽين سان پي ٽي آءِ جي رستا روڪ ڪرڻ جو نئون پروگرام آهي، جيڪو في الحال ته ڪامياب ٿيندي نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ ته جنهن نموني پي ٽي آءِ ۽ ان جي قيادت کي سوڙهو ڪيو ويو آهي اها هن وقت ته ڇا پر ايندڙ وقت لاءِ به مقبول ترين بڻجي چڪي آهي جنهن ملڪ مٿان خانداني حڪمرانن کي في الحال تي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آهن، شاهد خاقان عباسي ۽ جهانگير ترين جي پارٽين کي به ٽانڊا ڏئي سگهي ٿي سواءِ ان جي ته مٿس ڪا بندش پوي پر آزاد عدليه ۽ ججن جو رخ ڪنهن به سول مارشل لا يا غير آئيني غير جمهوري قدمن جي شايد ڪا اجازت ڏئي. هن ڏس ۾ قومي اسيمبلي جيڪي به آئيني ترميمون ۽ مخالفن کي چٿڻ وارا بل پاس ڪرائڻ وڃي پئي شايد ئي ڪو فائدو وٺي سگهن جو مسلم ليگ (ن) ۽ سندس اتحادي ٻه ٽنگا ڦاٿل آهن.

ڊاڪٽر عشرت العباد ڀلي پارٽي ٺاهي شوق پورو ڪري ۽ ٺهرائيندڙن جو شوق به پورو ڪري پر مستقل طور ڪاميابيون نٿو ماڻي سگهي. جيڪڏهن هو ڪا پارٽي ٺاهي به ته اها ڪراچي تائين محدود رهندي وري به ايم ڪيو ايم کي ٽوڙيندي ٻين تي ان جو ڪو اثر نه پوندو.سنڌ ۾ به ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص نوابشاهه سکر مان مهاجر ئي سندس ساٿ ڏين جن لاءِ هن ڊگهي مدت واري گورنرشپ ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ ايم ڪيو ايم لنڊن کي ٽوڙي باقي ڪو ٻيو رستو نه هوندس.

ملڪ جي اڳوڻي آمر پرويز مشرف جو پيارو سڏيو ويندڙ ۽ ڊگهي مدت تائين گورنر رهندڙ ڊاڪٽر عشرت العباد تي ايم ڪيو ايم جي هنگامن تحت سنڌين ۽ بيگناهه شهرين جي قتل و غارت جا ڪيس داخل هئا، جيڪي مشرف دور ۾ ختم ڪري کيس صاف سٿرو ۽ اجرو بڻايو ويو هو ۽ کيس سياست ۾ اهم مقام مليو پر تنهن هوندي به هو ملڪ خاص ڪري سنڌ جي ماڻهن لاءِ قابل قبول نه رهيو پر هڪ ڳالهه ضرور چئبي ته پ پ پ جي قائد آصف علي زرداري بعد هي ٻيو مفاهمت جو بادشاهه آهي جنهن پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي هڪ وٿاڻ تي گڏ رکيو ۽ گڏيل حڪومت ڪئي. پ پ پ جي دور حڪومت ۾ ان وقت ايم ڪيو ايم کي وڏا فائدا پهتا وزارتن ۾ برابري جي بنياد تي وزارتون ۽ عهدا مليا ۽ پاڻ گورنري ماڻيندو رهيو. اهي به چوٻول آهن ته جيڪي ڌريون ڊاڪٽر عشرت العباد کي پاڪستان گهرائي رهيون آهن تن سان گڏ کيس پ پ پ جي به خواهش شامل آهي ۽ کيس ضمانت ڏني وئي آهي سندس سياسي سرگرمين ۾ پ پ پ سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه وجهندي ۽ مڪمل آزادي هوندي ۽ جيڪڏهن هن خواهش ظاهر ڪئي ته پ پ پ ساڻس گڏجي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي هونئن به پ پ پ ايم ڪيو ايم جي موجوده سيٽ اپ ۽ ان جي قيادت کان مطئمن ناهي.هونئن به ڊاڪٽر عشرت العباد خود به پ پ پ سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

هوڏانهن ڊاڪٽر عشرت العباد جو نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته ملڪ عنقريب نين چونڊن طرف وڃڻ وارو آهي جنهن جو مقصد نين پارٽين کي به ان ۾ حصي وٺڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ آهي جنهن سان ملڪ ۾ مستحڪم حڪومت آڻڻ جو مقصد آهي ته جيئن ملڪ معاشي ۽ سياسي بحران مان ٻاهر نڪري سگهي. ايندڙ نئين حڪومت ۾ خاقان شاهد عباسي ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد جي پارٽين کي شامل ڪرڻ آهي. اهي به چوٻول آهن ته ايم ڪيو ايم کي ڊاڪٽر عشرت العباد جي نئين پارٽي ۾ ضم ڪيو وڃي جنهن لاءِ ڊاڪٽر عشرت متحده قومي مومينٽ جي اڳواڻن کي اعتماد ۾ به وٺي ڇڏيو آهي جيڪڏهن متحده ضم نه به ٿي ته ان جا اڳواڻ نئين پارٽي جو حصو بڻجي ويندا. اهڙي طرح مسلم ليگ (ن) جا باغي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ڇڏيندڙ مک اڳواڻ وري عوام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿيندا ۽ وڌيڪ مسلم  ليگ (ن) جي اڳواڻن به خاقان شاهد عباسي کي آسرو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته پ پ پ اي پي پي ۽ ڊاڪٽر عشرت العباد جي پارٽي ٻين ننڍين پارٽين سان گڏجي ڪا الڳ حڪومت قائم ڪن.

هن وقت جنهن قسم جي سياسي ڀڃ ڊاهه هلي پئي يا نيون پارٺيون ٺهن ٿيون يا ٺهرايون وڃن ٿيون سي ڪل وقتي رٿائون ناهن بلڪه وقتي آهن جن سان ملڪ جي سياسي ۽ معاشي بحران تي شايد ئي ضابطو اچي جو ملڪ قرضن جي ڄار ۾ بي پاڙي جيان جڪڙجي چڪو آهي وڻ سڪي سڙي سگهي ٿو پر سائو نٿو ٿي سگهي ڀلي کڻي عشرت آڻيو يا خاقان شاهد عباسي هن وقت وڻ کي بي پاڙي کان بچائڻو آهي  جنهن جو خاتمو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن بي پاڙي جو وجود ختم ڪرڻو پوندو. عشرت يا خاقان مستقل حل ناهن حل ملڪ ۾ آزاد سياست جمهوريت آئين ۽ قانون جي حڪمراني آهي جنهن ۾ خاندانن بدران عوام شامل هجي جنهن کان حڪمراني ڪرائڻ گهرجي. باقي پارٽين تي بندش وجهڻ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ يا نيون سياسي پارٽيون ٺهرائڻ سان ڪجهه به نه ورندو نه ڪا هڙ حاصل ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.