راڻيپور: روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نوجوان جو لاش نه مليو، وارثن جو ڌرڻو

راڻيپور (رپورٽر) روهڙي ڪئنال ۾ گذريل ڏينهن ٻڏي فوت ٿيل گڏيجي جي رهواسي نوجوان جو لاش 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به هٿ اچي نه سگهيو آهي، انتظاميه ڪو به نوٽيس نه ورتو، ٻي پاسي ضمير، منظور انصاري، مهتاب انصاري، الطاف انصاري جي اڳواڻي ۾ باب دستگير گيٽ وٽ انتظاميه جي نااهلي خلاف ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب قومي شاھراھ جي ٻنهي پاسن کان ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.مظاهرين  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات اسان جو نوجوان روهڙي ڪئنال ۾ ٻڏي ويو آھي پر ضلع انتظاميه هن مهل تائين ڪو به تعاون نه ڪيو آھي، لاش جي ڳولا ۾ ڪا به مدد نه ڪئي آھي، اسان جي نوجوان جي لاش جي ڳولا مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.