اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وفد سان گڏ قطر روانو ٿي ويو. جتي هو شهيد اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين سان تعزيت ڪندو.ان حوالي سان پارٽي ترجمان اسلم غوري چيو ته مولانا فضل الرحمان شهيد اسماعيل هانيه جي گهرڀاتين ۽ حماس اڳواڻن سان تعزيت پڻ ڪندو.ترجمان جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان جده کان قطر پهچندو. مولانا فضل الرحمان عمري جي سعادت لاءِ مڪي ۾ موجود هو، مولانا فضل الرحمان جي وفد ۾ علامه راشد سومرو ۽ مفتي ابرار احمد شامل آهن.