ٺل مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب نه ٿيو، وارثن جو احتجاج

ٺل ( ن ع آ ) 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل ٺل جي ڳڙھي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ بودلو خان ڀٽي جو رھواسي مغوي صدام حسين پٽ بابو خان ڀٽي جي   بازيابي لاءِ  وارثن ۽ ڀٽي برادري جي ماڻھن پاران ٺل ۾   احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو، ڊاڪٽر عبدالنبي ڀٽي،  بابن خان ڀٽي، محمد حيات، اختر علي، لياقت علي، دين محمد، حاجي خان ڀٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو۔جيڪو شھر جي مختلف هنڌن کان ڳڙھي حسن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندا، رهبر چوڪ وٽ پهچي سخت نعريبازي ڪري ڪجھ دير تائين ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين ڌرڻي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڳڙھي حسن پوليس جي نااهلي سبب علائقي ۾ چوريون ڦرون، اغوا ۽ جوا وغيره جهڙا ڏوهھ وڌي ويا آھن، هنن چيو ته اسان جي نوجوان صدام ڀٽي کي اغوا ٿئي 24 ڪلاڪ گذري ويا آھن، ليڪن پوليس مغوي نوجوان جي بازيابي لاءِ ڪک ڀنڄي ٻيڻو ناهي ڪيو، هنن الزام لڳائيندي چيو آهي ته ايس ايچ او علي محمد اوڍو ڏوهارين جو ساٿاري بڻيل آهي، جنهن سبب ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڏوھ جي واردات ٿئي ٿي، هنن آءِ  جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد سيد سليم شاھ ۽ قانون لاڳو ڪندڙن کي اپيل ڪئي آھي ته مغوي صدام ڀٽي کي ڌاڙيلن چنبي کان جلد آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ورنه احتجاجن جو دائرو وڌايو ويندو۔۽ ڏوهارين جو يار ۽ ڪرپٽ ايس ايچ او علي محمد اوڍو کي هٽائي سندس جاء تي بهادر ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪري علائقي واسين جي جان و مال جو تحفظ ڪيو وڃي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.