اسلام آباد(منيب فاروق) حڪومت جي رڌڻي ۾ ئي رولو آهي، پي ٽي آءِ تي پابندي جي حوالي سان حڪمران جماعت واضح ناهي، تازو وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته ادارا جڏهن سمجهندا تڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ڪندا، ان کان اڳ ته حڪومت اعلان ڪري چڪي آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي ويندي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پابندي لاءِ حڪومت وٽ مضبوط جواز ۽ مواد موجود آهي؟
-
افغانستان مان پاڪستان ۾ ويزا کانسواءِ داخل ٿيندڙ مال بردار گاڏين تي پابندي
اسلام آباد (م ڊ) افغانستان کان پاڪستان ۾ ويزا کانسواءِ مال بردار گاڏين جي داخلا تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڪسٽم اختيارين موجب افغان مال بردار گاڏين جي ڊرائيورن جي ويزا درخواستن تي عملدرآمد ڪالهه کان شروع ڪيو ويو. ياد رهي ته افغان اختيارين جي درخواست تي جنوري کان 31 جولاءِ تائين ويزا جي شرطن ۾ نرمي ڪئي وئي هئي.