تهران(م ڊ) حماس جي سياسي سربراهه اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. تهران ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي اسماعيل هانيه جي جنازي نماز جي امامت ڪئي . اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ايران ۾ ادا ڪرڻ بعد سندس تدفين 2 آگسٽ تي قطر ۾ ڪئي ويندي. حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي جنازي نماز ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن اسماعيل هانيه جي تصوير ۽ فلسطيني جهنڊا کنيا، جڏهن ته اسماعيل هانيه جي جنازي کي ايران جي اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي جهڙو پروٽوڪول ڏنو ويو. اسماعيل هانيه کي جمعي تي قطر جي گادي واري شهر دوحا ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سندس مڙهه دوحه پهچايو ويو آهي. هوڏانهن ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسرائيل تي سڌي حملي جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سندس جنازي نماز جمعي کانپوءِ امام محمد بن عبدالوهاب مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد تدفين لوثيل قبرستان ۾ ڪئي ويندي. حماس طرفان اربع تي جاري ڪيل بيان ۾ سندس موت جي تصديق ڪندي چيو ويو آهي ته اسماعيل هانيه تهران ۾ سندس رهائشگاهه تي اسرائيلي حملي ۾ مارجي ويو. بهرحال، اسرائيل هانيه تي حملي ۽ سندس موت جي سرڪاري طور تي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.