ايران ۾ انقلاب جي نشاني ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايو ويو

تهران(م ڊ) حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا جي قتل بعد ايران ۾ انقلاب جي علامت طور ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. ايراني ٽي وي موجب ايران جي مذهبي اهميت رکندڙ اهم شهر قم جي جمڪران مسجد ۾ ايراني روايتن موجب انتقام جي علامت طور ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايو ويو آهي.ان کان اڳ 2020 ۾ عراق ۾ آمريڪي حملي ۾ ايراني قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ کانپوءِ ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايو ويو هو، ايران اسماعيل هانيه جي شهادت تي ٽن ڏينهن جي قومي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي،

پاسداران انقلاب چيو آهي ته اسماعيل هانيه جي قتل جو سخت ۽ دردناڪ جواب ڏنو ويندو.

اسماعيل هانيه جي قتل بابت ڪا معلومات ناهي: اسرائيل

يروشلم(م ڊ) اسرائيلي حڪومت جي ترجمان چيو آهي ته اسرائيل کي اسماعيل هانيه جي شهادت بابت ڪا به ڄاڻ ناهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسرائيل اسماعيل هانيه جي شهادت تي تبصرو نٿو ڪري سگهي. اسرائيلي فوج اسماعيل هانيه جي شهادت جي حوالي سان بيان جاري ڪندي. اسرائيلي حڪومت جي ترجمان چيو ته حماس ڪنهن به معاهدي تي راضي ٿيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. ايران اسرائيل خلاف خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

والد جي شهادت جي خواهش پوري ٿي: اسماعيل هانيه جو پٽ

دوحه(م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه جي پٽ عبدالسلام  هانيه جو پيغام سامهون آيو آهي. شهيد جي پٽ عبدالسلام هانيه جو چوڻ هو ته منهنجي والد جيڪا خواهش ڪئي، اها ملي. هن چيو ته اسان اسرائيلي قبضي خلاف ۽ انقلاب لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون. عبدالسلام هانيه چيو ته قيادت جي قتل سان فلسطيني مزاحمت ختم نه ٿيندي، آزادي حاصل ڪرڻ تائين حماس مزاحمت جاري رکندي. هن چيو ته منهنجو والد هر روز پاڻ کي شهيد سمجهندو هو، اسان کي پنهنجي والد تي فخر آهي ۽ ان فخر سان اسان جو ڪنڌ اوچو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.