راڻيپور/ خيرپور (رپورٽ: فياض حسين راڄپر) /(مختيار ڦلپوٽو)گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ گمس جي ڊائريڪٽر ۽ سندس پي ايس تي مبينا حملو ڪيو ويو، ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي ڀڄي جان بچائي، ان حوالي سان گمس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جو چوڻ آهي ته ڪالهه گمس اسپتال جي مختلف شعبن جو دورو ڪري واپس آفيس اچي رهيو هيس ته زيرو پوائنٽ وٽ گوپانگ برادري جي ماڻهن اڳ وٺي روڪيو ۽ حملو ڪري ڏنو، ان دوران تشدد ڪري ڌڪا به ڏنا ويا. مون ڀڄي آفيس پهچي جان بچائي آهي. هن چيو ته پوليس کي بروقت اطلاع ڏنو پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جنهن ڪري جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا آهن. هن چيو ته پرويز گوپانگ تي وڪيلن ڪيس داخل ڪرايو آهي، جنهن سان منهنجو ڪو به تعلق نه آهي. بنا جواز گوپانگ برادري جي ماڻهن حملو ڪيو آهي، پوليس هن وقت تائين ڪيس به داخل ناهي ڪيو. ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي وڏي وزير سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کيس تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ سڀاڻي اسپتال جي او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.
-
گمبٽ عدالتي احاطي ۾ جھيڙو، جج جي گارڊ سميت 4 زخمي، 3 گرفتار
گمبٽ (رپورٽ: قمرالدين شيخ) گمبٽ ۾ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت جي احاطي ۾ وڪيلن ۽ گوپانگ برادري جي ماڻھن وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، سول جج جي گارڊ ۽ وڪيل اڳواڻن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، سينيئر سول جج نوٽيس ورتو، پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري 40 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.خبر موجب ڪجھه ڏينھن اڳ گمبٽ گمس اسپتال اندر ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي وارثن ۽ عملي وچ ۾ جھيڙي جو ڪيس ٻارڙي جي والد وڪيل فرياد علي آرائين جي فرياد تي پرويز گوپانگ مٿان داخل ڪيو ويو ھو ڪالهه عدالت ۾ حاضري تي آيل وڪيل ۽ جوابدارن وچ ۾ جھيڙو ٿيو جنھن سبب وڪيل اڳواڻ گمبٽ بار جو صدر فدا حسين ڄامڙو، امام دين اڄڻ، فرياد علي آرائين ۽ سول جج جو گارڊ زخمي ٿي پيا، گوپانگ برادري جي ماڻھن پاران جوڊيشل ڪامپليڪس جو گهيراءُ ڪيو جنهن تي سينيئر سول جج واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس کي طلب ڪيو، ايس ايڇ او راڻيپور عبدالجبار ميمڻ نفري ساڻ پهچي عدالت جو مين گيٽ بند ڪرائي صورتحال تي ڪنٽرول آندو، ان دوران پوليس 3 ڄڻن پرويز، ادريس ۽ نويد گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس عدالت اندر ڀڃ ڊاھ ڪرڻ جو ڪيس گمبٽ ٿاڻي تي وڪيل فرياد علي آرائين جي فرياد تي پرويز علي، نويد علي، شاھنواز، علي نواز ۽ فرحان سميت 10 سڃاتل ۽ 30 اڻسڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو آھي.
-
گوپانگ برادري جي ماڻهن پاران گمس ڊائريڪٽر جي آفيس جو گھيراءُ، احتجاج
گمبٽ:گمس ۾ گوپانگ برادري جي سوين عورتن ۽ مردن پاران گمس ڊائريڪٽر جي آفيس جو گھيراءُ ڪري احتجاج ڪيو ويو، ان دوران گرفتار گمس ملازم کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻي پاسي گمس ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي چيو ته گوپانگ برادري جي سوين ماڻھن منھنجو گھيراءُ ڪيو، پرسنل سيڪريٽري ۽ گارڊ کي گار گند ڪيو، گمس ملازم ۽ وڪيلن وچ ۾ ٿيل معاملي جي ڄاڻ ناھي گھيراءُ ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
گمس جا ڊاڪٽر به غير محفوظ، سيڪيورٽي وڌائڻ ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو
راڻيپور: ڊائريڪٽر گمس ڊاڪٽر رحيم بخش ڀٽي جو وڌيڪ چوڻ هو ته گمس هڪ وڏو ادارو آهي. جنهن جي ڊائريڪٽر مٿان حملو ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن. ڊائريڪٽر گمس ۽ اسپتال جي ٻين ڊاڪٽرن مطالبو ڪيو ته گمس ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.