مخصوص سيٽن جو معاملو، سپريم ڪورٽ ۽ حڪومت ۾ جنگ ڇڙڻ جو امڪان

اسلام آباد(انصار عباسي+مطيع الله جان) شاهراهه دستور جي ٻن پاڙيسرين وچ ۾ جنگ جا ڪڪر ڇائنجي ويا،سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ وچ ۾ شروع ٿيندڙ  جنگ جو انجام انتهائي خطرناڪ ٿي سگهي ٿو،پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت فيصلي خلاف سخت ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي، ان بل کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿي سگهندو،هاڻي آزاد ميمبر ڪنهن به پارٽي ۾ شامل نه ٿي سگهندا، هاڻي سني اتحاد ڪائونسل جا اسيمبلي ميمبر پي ٽي آءِ ۾ شامل نه ٿي سگهندا،ان تي ڏسجي ته سپريم ڪورٽ پاران ڪهڙو ردعمل اچي ٿو، اهو قانون سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي سگهي ٿو، ان سان ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿيندي نظر پئي اچي،پنجاب ۾ چونڊن بابت به پي ڊي ايم حڪومت دوران عدليه۽ ايگزيڪيٽو وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي هئي، حڪومت،اسٽيبلشمينٽ ۽ اليڪشن ڪميشن جي نيت ان فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جي آهي،عدليه اليڪشن ڪميشن کي مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عمل لاءِ 6 آگسٽ تائين جي مهلت ڏئي رکي آهي ايندڙ ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن سان جهيڙيندي نظر ايندي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، خميس 01 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.