اڏيرولعل وليج/ مٽياري/کيبر (نمائندن وٽان)اوڏيرولعل وليج ٿاڻي جي حد ڳوٺ درياهه خان ڏاهري جا 2 پورهيت نظير ولد ٻڍو ڪوريجو ۽ ممتاز ولد سوڍو ڪوريجو کي رات جو پاڻي جي واري دوران هٿ پير ٻڌي ڪهاڙيون ۽ برسٽ هڻي نوجوانن جا لاش ڪيلي جي فصل ۾ اڇلائي هٿياربند فرار ٿي ويا.ٻئي طرف وارثن طرفان مين روھڙي ڪينال 71 موري تي ڌرڻو ھڻي حيدرآباد وايا ٽنڊوآدم روڊ مڪمل بند ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ سوڍو ڪوريجو، انور ڪوريجو، شاهنواز ڪوريجو، علي حسن ڪوريجو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان سان کوسا برادري جي هٿياربندن ظلم ڪيو آھي اسان جا ٻه ڄڻا ممتاز ڪوريجو ۽ نظير ڪوريجو غريب مزدور بيدري سان قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته بيگناھه قتل ٿيلن جا قاتل ڱرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ڊي ايس پي کيبراڻي مير جاويد ٽالپر ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ ڌرين جو گهٽي جي معاملي تان جهيڙو ٿيو هو، نتيجي ۾ کوسا برادري جو هڪ نوجوان زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو هو. هن چيو ته قتل ٿيل ڪوريجا برادري جا ٻه نوجوان پلاند طور قتل ٿيا آهن. هن چيو ته پوليس قاتلن کي جلد گرفتار ڪندي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن. هوڏانهن علائقي ۾ خوف واري لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته اوڏيرولال وليج پوليس پڪٽ قائم ڪري ڇڏي آهي.