اسلام آباد(م ڊ) اسٽينڊرڊ اينڊ پورز جي رپورٽ موجب هلندڙ مالي سال ۾ پاڪستان جو آئوٽ لک مستحڪم سطح تي رهندو، پرڏيهي امداد تي پاڪستان جو انحصار تمام گهڻو آهي. سياسي ڇڪتاڻ، ناڻي واڌ جي بلند شرح سڌارن ۽ معاشي صورتحال لاءِ خطرو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڳرن قرضن جي ادائگي سبب پاڪستان جي مالي پوزيشن تي دٻاءُ برقرار رهندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمزور سياسي صورتحال سبب سياسي غير يقيني صورتحال برقرار رهندي. سماجي بي چيني آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد کي مشڪل بڻائي ڇڏيندي. ٻن سالن ۾ سياسي اٿل پٿل معاشي سڌارن کي روڪيو. جيڪڏهن خارجي اشارا ڪمزور هوندا ته پاڪستان جي ريٽنگ گهٽ ٿيندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪمزور سياسي صورتحال سبب سياسي غير يقيني صورتحال برقرار رهندي، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وڏن قرضن جي واپسي سبب پاڪستان جي مالي صورتحال دٻاءُ ۾ رهندي، پرڏيهي مٽاسٽا جي صورتحال جو دارومدار پائيدار سهڪار ۽ رول اوور جي سهولت تي آهي، سياسي غير يقيني صورتحال پاليسي سازي تي اثرانداز ٿيندي ۽ مهانگائي جي بلند شرح سخت مالياتي پاليسي تي اثرانداز ٿيندي. جڏهن ته ايندڙ سال پاڪستان جي آمدني جو 45 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو وياج جي ادائيگين تي خرچ ڪيو ويندو.