اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وفاقي گهرو وزارت دهشتگردي ۾ ملوث ٻن تنظيمن تي پابندي لڳائي ڇڏي ، حڪومت دهشتگردي ۾ ملوث گل بهادر گروپ ۽ مجيد برگيڊ کي غير قانوني قرار ڏيندي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، . نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت ٻنهي ادارن کي ڏوهي قرار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي پارٽين کي ٻن سالن جي نگراني کانپوءِ ڪالعدم قرار ڏنو ويو. نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) ٻنهي ڌرين کي پابندي مڙهيل پارٽين جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
-
ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ لاءِ ساڍا 21 ارب ۾ معاهدو
اسلام آباد(م ڊ) واپڊا سنڌ طاس معاهدي تحت ايريگيشن سسٽم جي 27 اهم نقطن تي پاڻي فراهمي جي مانيٽرنگ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جو ٺيڪو ڏنو آهي، ان ٺيڪي جي ماليت 21 ارب 53 ڪروڙ 40 لک رپيا آهي.واپڊا طرفان انڊس ٽيلي ميٽري سسٽم پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چيف انجنيئر وسيم علي جڏهن ته جوائنٽ وينچر پاران سي ڊجيٽل جي چيف ايگزيڪيوٽو محمد احسن بشير معاهدي تي صحيحون ڪيون.انڊس ٽيلي مينٽري پروجيڪٽ تحت پي سي ون 23 ارب 83 ڪروڙ 40 لک روپين تي مشتمل آهي.تقريب ۾ ارسا (پنجاب) جي ميمبرن، فنانس (واپڊا) جي ميمبر، واٽر (واپڊا) جي ميمبر، پاور (واپڊا) جي ميمبر، جنرل مئنيجر (هائيڊرو ريسورس مئنيجمينٽ) ۽ انجنيئرنگ ڊويزن جي نمائندن، صلاحڪارن ۽ ٺيڪيدارن شرڪت ڪئي.
-
ٽريزري آفيسر سڪندر ابڙو پنهنجي اغوا جو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام
ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٽريزري آفيسر سڪندر ابڙو 3 نيب آفيسر سميت چئن جوابدارن خلاف اغوا ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو، درخواست گذار سڪندر ابڙو ثبوت پيش نه ڪري سگهيو، جوابدارن جي سڃاڻپ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جوابدارن ۾ نيب آفيسر گل آفريدي، بلال، سرويچ شيخ ۽ سماجي اڳواڻ اقبال حسين شامل آهن، درخواستگذار سڪندرابڙو 2017ع ۾ درخشان ٿاڻي تي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي.مخالف وڪيل جو چوڻ هو ته درخواستگذار سڪندرابڙو پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ نيب جي آفيسرن تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي.