فائر وال ذريعي سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول واري ڳالهه مفروضو آهي: شزا فاطمه

اسلام آباد (م ڊ) آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزا فاطمه خواجا چيو آهي ته سمورا سوشل ميڊيا کليل آهن، فائر وال ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ واري  ڳالهه هڪ مفروضو کانسواءِ ڪجهه ناهي.پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شزا فاطمه خواجا چيو ته سوشل ميڊيا مواد کي فائر وال ذريعي ڪنٽرول ڪرڻ واري ڳالهه تعصب آهي. شيون بنا ڪنهن سبب جي تڪراري بڻيل آهن، سمورو سوشل ميڊيا کليل آهي، هن چيو ته ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) کي به ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن وانگر پاڪستاني قانونن جي پاسداري ڪرڻي پوندي جيڪڏهن حڪومت ٻولي تي پابندي لڳائي ها ته ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) بدران ٽڪ ٽاڪ ۽ فيس بوڪ کي بلاڪ ڪري ها. ايڪس پاڪستاني قانونن جي عدم تعميل هڪ مسئلو آهي. مملڪتي وزير چيو ته جڏهن فيس بڪ کي مقامي قانونن جي تعميل ڪرڻي آهي، ته ايڪس کي به ڪرڻو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.