ڪراچي: ايس آءِ يو جي 3 اهلڪارن مٿان 90 هزار ڊالر ڦر جو ڪيس داخل

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي 3 اهلڪارن خلاف 90 هزار ڊالرن جي ڦر جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب ايس ايڇ او، ايس آءِ يو سميت 3 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.  پوليس موجب واقعي جو ڪيس سچل ٿاڻي ۾ اغوا، ڀنگ  جي الزام هيٺ داخل ڪيو ويو آهي.   ڪيس سچل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ اغوا ۽ ڀنگ گهرڻ جا قلم لڳايا ويا آهن، ڪيس جي فريادي جو چوڻ آهي ته پوليس پارٽي اغوا ڪري 90 هزار ڊالر ٽرانسفر ڪرايا، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هڪ پرائيويٽ گاڏي ۽ پوليس موبائل گهر تي ڇاپو هنيو، ٻئي پاسي ايس ايس پي اسپيشل  انويسٽيگيشن عديل چانڊيو چيو آهي ته واقعو 9 جولاءِ  تي پيش آيو هو، هن چيو ته ڪيس ۾ ڊي ايس پي سميت 10 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي عديل چانڊيو موجب واقعي جي جاچ کانپوءِ اصل حقيقت سامهون ايندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.