اڄ کان سڄي ملڪ جون اناج مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن اڄ کان سڄي ملڪ ۾ اناج مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  وڌندڙ مهانگائي، غير ضروري ٽيڪسن ۽ بجيٽ ۾ واپاري طبقي خلاف کنيل قدمن تي ٻين طبقن وانگر واپاري طبقو به حڪومت کان ناراض ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڪراچي هول سيل گروسرز ايسوسيئيشن اڄ کان سڄي ملڪ ۾ اناج مارڪيٽون بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايسوسيئيشن چيئرمين رئوف ابراهيم چيو آهي ته اڄ کان پاڪستان جون اناج منڊيون بند رهنديون، پهرين مرحلي ۾ 31 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين هڙتال ڪئي ويندي، حيدرآبادد، سکر، لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، گوجرانواله، ڪوئٽا، پشاور، مردان سميت سموري ملڪ جا اناج منڊي سپلاءِ بند ڪري ڇڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.