ڪراچي(رپوٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير وچ ۾ وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات دوران پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي ۽ اضافي زمين تي اسپيشل اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت کي تجويز ڏني ته پاڪستان اسٽيل مل جي اضافي زمين تي اسپيشل اڪنامڪ زون (SEZ) قائم ڪيو وڃي. اسٽيل ملز پلانٽ لاءِ رکيل 700 ايڪڙ زمين اسٽيل مل پلانٽ جي بحالي يا نئين اسٽيل مل جي قيام لاءِ رکي وڃي، ھن مقصد لاءِ واڌو زمين جي بنياد تي ڪم ڪرڻ گهرجي. جنهن تي وفاقي وزير راڻا تنوير تجويز ڏني ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي پراڻي اسٽيل مل پلانٽ بحال ڪرڻ يا 700 ايڪڙن تي نئون پلانٽ لڳائڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ تيار آهي. وڏي وزير چيو ته 4840 ايڪڙ زمين وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن لاءِ اسپيشل اڪنامڪ زون ايس ايز قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي،صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ڪاغذي ڪارروائي کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن زون کي فوري طور تي قائم ڪري سگهجي. اسپيشل اڪنامڪ زون سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي. وڏي وزير چيو ته هو وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پاڪستان اسٽيل ملز کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت بحال ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو