اينڪر اوريا مقبول چيف جسٽس خلاف فتويٰ جو مرڪزي ڪردار

اسلام آباد(اعزاز سيد)ٽي ايل پي نائب امير جي خطرناڪ پريس ڪانفرنس، پارا چنار ۾ قتل عام ۽ گوادر اشو تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي منظر تان غائب ٿي ويو، ن ليگ جي وفاقي وزيرن خواجا آصف ۽ احسن اقبال کي دفاع ۾ پريس ڪانفرنسون ڪرڻيون پيون،چيف جسٽس قاضي فائز خلاف پروپيگنڊا جي شروعات پي ٽي آءِ حامي اينڪر اوريار مقبول جان جي ٽوئيٽ سان ٿي، هن ٽوئيٽ ۾ اهو لکيو ته قاضي صاحب قادياني مبارڪ ثاني جي تحرير شده قرآن پاڪ جي اشاعت جي حوالي سان فيصلي کي بحال رکيو ۽ سمورن عالمن جي دليلن کي رد ڪيو آهي،اوريال مقبول کي اينڪر مطيع الله جان ۽ قيوم صديقي جواب ۾ لکيو ته اهو غلط آهي ،توهان فيصلو پڙهي وٺو، ان ۾ هڪ ٻيو ناڪاري ڪردار اينڪر عمران رياض به آهي جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ايل پي ۽ ٻيون مذهبي جماعتون چيف جسٽس خلاف ميدان تي اچي ويون، رياست کي اهڙن ڪردارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته بلوچستان بابت ماهه رنگ بلوچ جا مطالبا جائز آهن پرسوال اهو ٿو اٿي ته  وفاقي گهرو وزير ان صورتحال ۾ ڇو غائب آهي؟ محسن نقوي اسٽيبلشمينٽ جي ڏڍ تي هٿ تي هٿ ڏئي ويهي رهيو، هو وزيراعظم شهبازشريف جي به نٿو ٻڌي،هن وقت هو رڳو ڪرڪيٽ جا معاملا ئي ڏسي رهيو آهي،سمورا صحافي هن جو نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي، ان جو سبب اهو آهي ته هڪ ته هو پاڻ به ميڊيا سان تعلق رکي ٿو ٻيو  ته هو اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو آهي،

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 31 جولاءِ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.