ڊيرا اسماعيل خان ۾ گڏيل قومن جي گاڏي تي فائرنگ، عملو محفوظ

ڊي آءِ خان (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ گڏيل قومن جي اداري جي گاڏي تي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪئي. هتالا پوليس اسٽيشن جي حدن ۾ پاڻي جا نمونا گڏ ڪندڙ گاڏي تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي. هٿياربند مسافر گاڏين کي روڪي تلاشي وٺي رهيا هئا  يو اين گاڏي جي ڊرائيور گاڏي ڀڄائي ته پٺيان فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ ٽائر برسٽ ٿيا.ٽانڪ پوليس گاڏي سوارن کي ريسڪيو ڪيو. پوليس موجب بلٽ پروف گاڏي ۾ سوار ماڻهو محفوظ رهيا، گاڏي کي معمولي نقصان ٿيو، علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.