اسلام آباد (م ڊ) جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي جي عدالت رئوف حسن ۽ ٻين کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن ۽ ٻين خلاف پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. رئوف حسن ۽ ٻين کي جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر شيخ عامر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ 5 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي. پي ٽي آءِ وڪيل جي درخواست تي عدالت رئوف حسن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت ايف آءِ اي جي 5 ڏينهن جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪندي رئوف حسن ۽ ٻين کي جوڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو. ٻئي پاسي رئوف حسن کي حراست دوران دل جي تڪليف ٿي جنهن کانپوءِ کيس پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس ٽيسٽون ڪيون ويون.
-
ڀارت ۾ برسات دوران لينڊ سلائيڊنگ سبب 93 ڄڻا فوت ۽ سوين زخمي
نئين دهلي (م ڊ)ڀارت ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب 93 ڄڻا فوت ۽ سوين دٻجي ويا آهن، ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ تيز برساتن سبب وايناد ضلعي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي گهر دٻجي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو اڃا تائين گم آهن، رپورٽن مطابق برسات ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي واقعن ۾ هيل تائين 93 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 116 ڄڻا زخمي آهن.
-
سعودي عرب مان ڪراچي گهر پهچندڙ خاندان کان لکين رپين جي ڦرلٽ
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد ۾ سعودي عرب کان آيل هڪ خاندان کان ڦر جي واردات ٿي، 4 هٿياربندن گهرڀاتين کان لکين رپيا، قيمتي سامان ۽ اهم دستاويز ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جو ڪيس عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڦر جي دفعات تحت داخل ڪيو ويو، متن ۾ چيو ويو آهي ته مدعي موجب احمد سعودي عرب مان پنهنجي ڪٽنب سان پاڪستان آيو هو. مدعي جو چوڻ هو ته هو رات جو 2:30 وڳي ايئرپورٽ تان گهر پهتو ته هڪ اڇي ڪلر ۾ هنڊائي ڪار اسان جي پٺيان آئي ۽ ڦر ڪئي.