گوادر ۾ ماڻهو منصوبن جي اهميت کي سمجهن: چيني قونصل جنرل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ڪراچي ۾ مقرر چين جي قونصل جنرل يانگ يونڊونگ چيو آهي ته سي  پيڪ پاڪستان جي معاشي خوشحالي  جو سبب بڻجندو، هن پروجيڪٽ لاءِ پاڪستان کي ماحول کي سازگار ۽ پر  امن ۽ محفوظ بڻائڻو پوندو ته جيئن سيڙپڪاري اچي سگهي، اسان بلوچستان جي عوام جي معاشي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري تي ڪراچي پري ڪلب ۾ پريس ڪلب پروگرام ميٽ دي پريس کي خطاب  ۽ عهديدارن ۽ سينيئر صحافين ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو، هن چيو ته اسان بلوچستان جي معاشي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، تنهن ڪري اتان جي سياسي پارٽين کي امن امان ڪرائڻ بابت ڪرم ڪرڻ گهرجي، بلوچستان  جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون اهم پراجيڪٽس آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.