آدم شماري نتيجا قبول ڪري سنڌ سان غداري ڪئي وئي آھي: ثمر حيدر جتوئي

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ : اويس حيدر شورو) ٽنڊي محمد خان ۾سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي مختلف مسئلن خلاف حيدرآباد روڊ کان احتجاجي ريلي ڪڍي  ڦليلي پل تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ريلي ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي اڳواڻن جبار باغي، ولي محمد برھماڻي، رگو ٺاڪر، شامو ٺاڪر، ستار بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي چيو ته سنڌ ۾ ڊجيٽل آدشماري کي اسين مڪمل طور تي رد ڪريون ٿا اھا سنڌ جي وحدت تي وار آهي، سنڌ کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش آھي سنڌ حڪومت آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري سنڌ سان وڏي غداري ڪئي آھي، ننگر پارڪر ۾ کار سار جبل جي ڪٽائي ڪئي پئي وڃي جيڪا اسين ڪنھن به صورت برداشت نه ڪنداسين، سنڌ حڪومت سنڌ جون زمينون نيلام ڪري وفاقي حڪومت جي ڪمداري پئي ڪري، وفاق کي زمينون نيلام ڪرڻيون آھن ته پنجاب جون زمينون نيلام ڪري، سنڌ جون زمينون ڇو نيلام ڪيون پيون وڃن؟، ھاڪس بي جي زمين کي به نيلام ڪيو ويو آهي.هن وڌيڪ چيو ته اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري اڃا تائين بازياب ناھي ٿي، صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مھر جي خون سان اڃا تائين انصاف نه ٿي سگهيو آهي، سنڌ ھاري ڪاميٽي ھنن مسئلن تي خاموش نه ويهندي ۽ ڀرپور جدوجھد ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.