اسلام آباد(م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ 50 سيڪڙو ووٽ کنيا آهن، پارليامينٽ ۾ رهي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر خان چيو ته رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي بل غير آئيني طريقي سان پاس ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيڻ گهرجي، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائيندي. بئريسٽر گوهر چيو ته 41 ايم اين ايز حلف ناما جمع ڪرايا. بيانن باوجود اسان جي ايم اين ايز خلاف ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن باقي ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري. اسان سپريم ڪورٽ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان جي ميمبرن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر لطيف کوسا چيو آهي ته پارٽي تبديلي لاءِ بدنيتي وارو بل آندو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ چيو ته وزارتن کي قانون ڪميٽي مان بل پاس ٿيڻ نه ڏينداسين. لطيف کوسا چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مڃڻ هر اداري لاءِ لازمي آهي.