ڪرم ۾ زميني تڪرار ۾ فرقيوار رنگ، مارجي ويلن جو انگ 43 ٿي ويو

پاراچنار(م ڊ) خيبر پختونخوا جي قبائلي علائقي ضلعي ڪرم هيڊڪوارٽر پاراچنار جي ٻهراڙي واري علائقي بوشهره ۾ ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار سدائين فرقيوار ويڙهه ۾ بدلجي ويو آهي. ويڙهه ۾ مارجي ويلن جو انگ 43  ٿي ويو. مورچن تان هٿياربند اٿاري اهلڪار ويهاريا ويا پر فائربندي باوجود چڪريون جاري آهن . ڪرم ضلعي جي راڄڌاني پارا چنار جو مضافاتي علائقو بوشهره خيبر پختونخواهه جي هڪ عام جبل واري علائقي وانگر نظر اچي ٿو، پر هتي زمين جو ٽڪرو آهي، جنهن تي هلندڙ تڪرار هن وقت تائين درجنين ماڻهن جون حياتيون کسي چڪو آهي. بوشهره جي ٻن ڳوٺن ۾ رهندڙ قبيلن وچ ۾ 30 ايڪڙ زمين يعني لڳ ڀڳ 100 ڪنال زمين جي مالڪي تي تڪرار هلندڙ آهي.اختيارين موجب مارجي ويلن مان 35 جو تعلق شيعه جڏهن ته 8 جو تعلق سني قبيلن سان آهي.  بوشهره ۾ آچر تي به لاشن جي مٽا سٽا ڪئي وئي، جنهن ۾ سني قبيلن 11 لاش شيعن جي حوالي ڪيا، جڏهن ته شيعن ٽن لاشن کي سنين حوالي ڪيو. امن ڪميٽي جي ميمبر ملڪ محمود علي جان موجب هن سال 100 ڪنال زمين تي گلاب ملڪي خيل ۽ مدگي ڪلي قبيلن وچ ۾ تڪرار آهي، گلاب ملڪ خيل جو تعلق شيعن سان آهي، جڏهن ته مدگي ڪلي جو تعلق سنين سان آهي. اها جرڳي ۾ گلاب ملي خيل جي زمين ثابت ٿي. ملڪ محمود موجب روايتن موجب اها زمين سال لاءِ اصل ڌر بدران ٽين ڌر کي ڏني وئي، ان تڪرار ۾ ٽئين ڌر به اها زمين هڪ سال تائين استعمال ڪئي.  ۽ ان جي ڍل وغيرهه گلاب ملي خيل قبيلن کي ڏنو. ۽ هاڻي هڪ سال گذرڻ کانپوءِ اها زمين گلاب ملي خيل کي ڏيڻي هئي.پر جڏهن گلاب ملي وارن زمين گهري ته پوءِ جهيڙو ٿيو. پهرين ته انهن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جنگ شروع ٿي، پر پوءِ آهستي آهستي اهو معاملو قبيلن کان به اڳتي وڌيو ۽ فرقيوار ڇڪتاڻ بڻجي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.