يروشلم (م ڊ) اسرائيل ترڪ صدر رجب طيب اردگان کي صدام حسين جهڙو سلوڪ ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته ترڪ صدر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايترو مضبوط ٿيڻو پوندو ته اسرائيل فلسطينين تي ظلم نه ڪري سگهي. اسرائيل کي آرمينيا ۽ ليبيا جو حشر ياد رکڻ گهرجي. صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ترڪي جي فوج فلسطين جي مدد لاءِ اسرائيل ۾ داخل ٿي سگهي ٿو جيئن ماضي ۾ ليبيا ۽ نگورنو ڪارابخ ۾ داخل ٿيو هو، جنهن جي ردعمل ۾ اسرائيل جي پرڏيهي وزير يسرايل ڪانٽيز ايڪس تي ڏنل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته طيب اردگان صدام حسين جي نقش قدم تي هلندي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، کيس ياد رکڻ گهرجي ته هن سان ڇا ٿيو ۽ معاملو ڪيئن اختتام تائين پهتو.
-
اعظم سواتي جا ڪيس ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست رد
لاهور ( بيورو+م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اعظم سواتي جا ڪيس ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم سواتي جا ڪيس ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ عاليه نيلم ڪيس ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪرڻ جي اعظم سواتي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس عاليه نيلم رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان اڃا تائين جاچ ۾ شامل نه ٿيا آهيو، توهان کي پهريان جاچ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي ها، عدالت توهان کي بار بار چئي رهي آهي ته توهان جاچ ۾ شامل نه ٿي رهيا آيو، اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته اسان جاچ ۾ شامل آهيون، پوليس جاچ نه ڪري رهي آهي، جنهن تي جسٽس عاليه نيلم چيو ته جج الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجو موقف ٻڌائي. ايڊووڪيٽ اعظم سواتي درخواست ڪئي ته عدالت دليلن لاءِ مهلت ڏئي، جنهن تي چيف جسٽس عاليا نيلم اعظم سواتي جي درخواست رد ڪندي چيو ته مهلت نٿي ڏئي سگهجي.