پي ٽي آءِ جو يوٽرن، لجپت سُوراڻي آئوٽ، ڀڳوانداس ڀيل اِن؟

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) پي ٽي آءِ جو يوٽرن، لجپت سُوراڻي جو مخصوص سيٽ مان نالو آئوٽ، ڀڳوانداس ڀيل کي ايم پي اي بڻائڻ جو  فيصلو، خبرموجب تحريڪ انصاف اليڪشن کان اڳ ۾ سنڌ ۾ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي لجپت سوراڻي جو نالو پهرين نمبر تي رکيو هو پر سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد يوٽرن وٺي نالو هٽائي سندس جاءِ تي وڪيل ڀڳوان داس ڀيل جو نالو ٽاپ تي رکي ڇڏيو.ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين مخدوم شاھ محمود قريشي جي انتهائي ويجهي لجپت سوراڻي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن کان اڳ ۾ شاھ محمود قريشي جي سفارش تي لجپت جو نالو پهريون نمبر تي رکي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو پر پي ٽي آءِ قيادت جي تازي يوٽرن بعد لجپت جي حامين ۾ تاءُ پکڙجي ويو آهي، مخالف پارٽين جا اڳواڻ به پي ٽي آءِ جي اهڙي فيصلي تي حيرت جو اظهار ڪري رهيا آهن، ٻي طرف صوبائي قيادت جي غلط فيصلن خلاف پي ٽي آءَ ڪارڪنن پاران اڄ مٺي شهر ۾ هاءِ اسڪول گرائونڊ کان ڪشمير چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پارٽي ۾ ڏڦيڙ، حليم عادل ۽ لال مالهي تي پئسا وٺڻ جو الزام

مٺي: لجپت سوراڻي حليم عادل شيخ ۽ لال مالهي تي مخصوص سيٽون وڪرو ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ عوامي آواز سان  ڳالهائيندي لجپت سوراڻي چيو آهي ته مونکي مخدوم شاھ محمود قريشي پاڻ مخصوص سيٽ ڏني، ان وقت به سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ مخالفت ڪئي پر ڪامياب نه ويو، حليم عادل شيخ پارٽي ۾ تمام محنتي ورڪر کي ھميشا نظرانداز ڪيو آھي، انڪري مينارٽي ونگ سنڌ جي صدر سنجئه گنگواڻي پارٽي کي الوداع ڪيو، تڏھن حليم شيخ راجيش جگواڻي سکر واري کان رشوت وٺي عھدو ڏنو، جنھن جو پارٽي لاءِ ڪو به ڪم ناھي صرف رشوت ڏي سنڌ جو صدر ٿيو، ھن وقت لال مالھي راجيش کان ڪروڙين رپيا وٺي حليم عادل شيخ کي ڏنا، جنهن بعد کيس ايم اين اي بڻايو ويو آھي، هن وقت به ڀڳوان داس ڀيل کان به رشوت وٺي اسان کي مليل سيٽ جو سودو ڪيو آهي، جيڪو پارٽي سان دوکو آھي.هنن وٽ پي ٽي آءِ جو نظريو ناھي، ھتي منڊي لڳائي سيٽون وڪرو ڪيون پيون وڃن، باقي اسان عمران خان سان گڏ آھيون،اسان پنهنجو احتجاج پارٽي وٽ رڪارڊ ڪرائينداسون، اميد آھي عمران خان ۽ شاھ محمود قريشي انصاف ڪندا.ان حوالي سان پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ رابطو ڪرڻ تي عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته لجپت سوراڻي کي مخصوص سيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ فيصلو پارٽي قيادت جو آهي، مينارٽي ونگ سيٽون تقسيم ڪري رهي آهي، لجپت سوراڻي جيڪڏهن مون تي پئسن عيوض سيٽ وڪرو ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي ته اها کِل جوڳي ڳالهه آهي، لجپت ۽ ڀڳوانداس ٻئي ڀيل برادري سان واسطو رکن ٿا، اسان لاءِ ٻئي برابر آهن، ڀڳوانداس ڀيل جون پي ٽي آءِ لاءِ وڏيون قربانيون آهن، پارٽي تي تنقيد ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي هر ڪارڪن ڳالهائي سگهي ٿو، باقي پارٽي خلاف احتجاج واري معاملي تي پارٽي ضرور پڇاڻو ڪندي.هوڏانهن رابطي تي وڪيل ڀڳوانداس ڀيل عوامي آواز کي ٻُڌايو آئون انتهائي غريب گهراڻي سان تعلق رکان ٿو ۽ پي ٽي آءِ جو 2001ع کان ڪارڪن آهيان،آئون اڄ به حيدرآباد ۾ هڪ فليٽ اندر رهان ٿو، پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت گڏ ويهي مونکي مخصوص سيٽ ڏني آهي لجپت سوراڻي مون تي جيڪو به الزام هڻي رهيو آهي اُنهي تي ڏُک آهي، مون وٽ 2 لک ڪونهي ۽ لجپت 25 لک عيوض سيٽ وٺڻ جا بنيااد الزام هڻي رهيو آهي،لجپت سوراڻي کي پي ٽي آءِ ۾ آڻڻ بعد مون هر ڏُکي وقت ۾ هن جو ساٿ ڏنو، اڄ هو پارٽي جي فيصلي خلاف ٿي ڪري الزام بازي ڪري رهيو آهي، حليم عادل شيخ سان منهنجا ويجها تعلقات آهن اُنهي تي پئسن عيوض سيٽ وڪڻڻ جا الزام من گهڙت آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.