اسلام آباد (م ڊ) انساني حقن بابت ڪميشن (ايڇ آر سي پي) پاراچنار ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ايڇ آر سي پي چيو ته پاراچنار ۾ زمين جي مسئلي تي قبائلي جهيڙي سان فرقيواراڻي تڪرار کي هٿي ملي ٿي. پرتشدد واقعن سان عام شهرين جو نقصان ٿيو آهي، عوام جي چرپر، خوراڪ ۽ طبي سامان جي فراهمي متاثر ٿيآهي. بيان ۾ ڪي پي حڪومت کان جنگ بندي لاءِ ٽياڪڙي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. ايڇ آر سي پي زمين يا فرقيواراڻي سميت سڀني تڪرارن کي پرامن ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.