نواب شاھه (ڊ ر) نوشھرو فيروز جي علائقي گل ٽائون ۾ پيءُ، چاچن ۽ سئوٽن ھٿان تشدد جو نشانو بڻيل عورت مسمات صوبيه بتول جيمالي سهائتا لاءِ سماجي اڳواڻ مشتاق راڄپر پاران مالي مدد لاءِ ڏنل ساڍا پنج لک رپيا يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو کڻي نوابشاهه اسپتال پهتي ۽ مسمات صوبيا شاهھ جي حوالي ڪري ڇڏيا. ان موقعي تي سنڌو نواز گھانگھرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سماجي تنظيم سانا جي اڳواڻ مشتاق راڄپر پاران ڏنل رقم صوبيا شاهه کي پهچائي آهي، ھن چيو ته اسان جي ڪوشش ھوندي ته اڃان به صوبيا بتول جي مالي سهائتا ٿئي ته جئين ھو پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي.