واشنگٽن/ اسلام آباد(م ڊ/ بيورو) آءِ ايم ايف نئين قرض پروگرام لاءِ 27 ارب ڊالرن جو قرض ري شيڊول ڪرائڻ جو شرط رکي ڇڏيو آهي. پاڪستان آءِ ايم ايف کان بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ دوست ملڪن کان قرضن کي ري شيڊول ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان دوست ملڪن چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن سان 37 مهينن جو IMF بيل آئوٽ پيڪيج حاصل ڪرڻ لاءِ 27 ارب ڊالر کان وڌيڪ قرض ريشيڊيول ڪرائڻ جي ڪوششن ۾ آهي ۽ توانائي جي شعبي ۾ پرڏيهي مٽا سٽا ۽ /صارفين جي محصولن ۾ گهٽتائي ڪئي آهي. چيني طرف پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي مسئلن کي تسليم ڪيو ۽ نئين ڪاروباري منصوبن ۽ توانائي جي شعبي جي ادائيگين کي ٻيهر پروفائل ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ ان سان گڏ آءِ ايم ايف جي بورڊ تي پاڪستان جي ڪيس جي حمايت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي. چين کان 5 ارب ڊالر، سعودي عرب کان 4 ارب ڊالر ۽ عرب امارتن کان 3 ارب ڊالرن جو مدو ٽن ورهين تائين وڌايو ويندو.
-
ڪي پي ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران آپريشن، 5 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد
پشاور (م ڊ) ڪي پي ڪي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 3 مختلف آپريشنز دوران 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب، مهمند ۽ ڊيره اسعمالي خان ۾ دهشتگردن جي پناهه گاهن کي تباهه ڪري هٿيارن جو وڏو ذخيرو هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته آپريشن دوران ڪي پي پوليس جو هڪ اهلڪار ابرار حسين شهيد ٿي ويو، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز امن ۽ استحڪام لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺل آهي، بهادر جوانن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون.
-
ڪراچي ۾ نجي بئنڪ جا 20 ڪروڙ رپيا ڦر ڪندڙ وين ڊرائيور سميت 14 جوابدارن کي 8-8 سال قيد جي سزا
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ نجي بئنڪ جي 20 ڪروڙ رپين سميت وين ڪاهي فرار ٿي وڃڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ٿيل 14 جوابدارن کي جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت 8، 8 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، جوابدار حسين شاهه آگسٽ 2021ع ۾ سيڪيورٽي ڪمپني جي ڪيش وين کڻي فرار ٿي ويو هو، داخل ڪرايل ڪيس ۾ ٽوٽل 20 جوابدار شامل آهن، جن ۾ 12 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن، جن حسين شاهه، عاشق حسين، نعمت علي، فضيلا ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته ٻن جوابدارن کي بري ڪيو ويو، جڏهن ته 9 جوابدار مفرور آهن، هينئر تائين، صرف 3 لک 78 هزار رپيا برآمد ٿيا آهن، جڏهن ته پوليس مختلف هنڌن تان ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪيو.