مٺي:ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو، وڪيل وسند ٿري، قربان سميجو، اعجاز بجير، ساجن چارو، جي ايم سونهاراڻي، عظمي ابڙينگ ۽ ٻين کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٿر ڪول منصوبن تي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ وسندڙ برساتن ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا هر سال وڌي رهيا آهن، ماضي ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا تمام گهٽ پيش ايندا هئا پر هاڻي هر وسندڙ برسات نقصان ڪري ٿي ۽ ان جو ڪوبه ازالو نه ٿو ڪيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته ٿر جي ڳوٺن ۾ ارٿ راڊون لڳائڻ جي شروعات ڪئي وڃي ۽ ان کان علاوه جيڪي ماڻهو توڙي جانور کنوڻ جي زد ۾ اچن ٿا انهن جي وارثن کي معاوضو ڏئي مدد ڪئي وڃي ۽ کنوڻ ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ريسرچ پڻ ڪرائي وڃي.