بلوچن تي جبر خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ

ڪوئيٽا (م ڊ) پاڪستان بار ڪائونسل، بلوچستان بار ڪائونسل، بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن،  سبي هاءِ ڪورٽ بار، ڪيچ، تربت، ڪوئيٽا بار پنهنجي گڏيل پڌرائي ۾ چيو آهي ته حڪومت پرامن ريلي جي شرڪت ڪندڙن تي فائرنگ، تشدد، قتل، سياسي ڪارڪنن کي زخمي ڪرڻ، گرفتارين، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. بار پاران بلوچستان ۾ سوين سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ گمشدگي، عورتن، ٻارن تي تشدد خلاف ڪالهه عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ڪوئيٽا جي سول ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو. جنهن سبب عدالتي ڪم متاثر ٿيو، ٻئي طرف سپريم جڊيشل ڪميشن جي ميمبر ايڊووڪيٽ منير ڪاڪڙ چيو آهي ته بلوچستان ۾ صدين کان بلوچ نسل جي نسل ڪشي ٿي رهي آهي، هاڻي به بلوچن کي هن رياست ۾ پرامن گڏجاڻيون ڪرڻ جي اجازت ناهي ڏني وئي.ناليواري قانوندان محمد سليم لاشاري ايڊووڪيٽ چيو ته بلوچ قوم جنهن جوش ۽ جذبي سان پنهنجي قومي تشخص لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪري آئي آهي، رياست ان قافلي کي ڪڏهن به روڪي نٿي سگهي، مستونگ جي واقعي تي فورسز پاران رچي ماچي جي قافلي تي فائرنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا.

  1. گوادر جي صورتحال حالتون خراب ڪرڻ جي سازش آهي: جان بليدي

ڪوئيٽا(م ڊ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سينٽر جان محمد بليدي چيو آهي ته گوادر ۾ جلسي گاهه ۾ ماڻهن کي  ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جيڪا صورتحال حالتون خراب ڪرڻ جي سازش آهي. ملڪ جو آئين ۽ قانون پرامن احتجاج جي اجازت ڏئي ٿو. حڪومت پرامن احتجاج کي پرتشدد احتجاج ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. بلوچستان حڪومت ۾ سياسي جوش جو فقدان آهي پر وفاقي حڪومت کي غير جمهوري ۽ غير سياسي حربن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. ٻي پاسي نيشنل پارٽي جي مرڪزي ترجمان جو چوڻ آهي ته بلوچستان حڪومت بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي پرامن مارچ ۽ جلسي کي سبوتاز ڪرڻ ۽ پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جلسي تي بنا سبب فائرنگ ڪئي وئي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل اڇلايا ويا ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري غيرانساني تشدد ڪيو پيو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته واجا اشرف حسين سميت گرفتار ڪيل سمورن جوابدارن کي آزاد ڪيو وڃي، گوادر ۾ لڳل ڪرفيو هٽايو وڃي.

  1. مظاهرين جو مقصد گم ٿيل ماڻهو نه دشمن ايجنڊا آهي: ضيا لانگو

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي گهرو وزير ضيا لانگو چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت طرفان برداشت جو مظاهرو ڪرڻ جو جواب شرپسندن دهشتگرد بڻجي ڏنو، مظاهرين جو مقصد گم ٿيل ماڻهو نه پر دشمن ايجنڊا اهي. گوادر ۾ مظاهرين هٿان شهيد ايف سي اهلڪار شبير بلوچ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، مڙهه کي اباڻي علائقي ۾ تدفين لاءِ روانو ڪيو ويو.  جنازي نماز ۾ گهرو وزير ضيا لانگو ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.  ضيا لانگو ان موقعي تي عوام ۽ حڪومت ڏکويل ڪٽنبن سان گڏ آهي.

  1. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ،پي ٽي آءِ تي پابندي بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي جو 8 هون اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي  بابت ٺهراءُ به ايوان ۾ اچي سگهي ٿو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اڄ قومي اسيمبلي ۾ خانگي ڪارروائي جو امڪان آهي، حڪومتي ميمبرن پاران پي ٽي آءِ خلاف ٺهراءُ پرائيويٽ ايجنڊا طور پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته خانگي قانون سازي، قراردادن ۽ ميمبرن پاران پيش ڪيل تحريرون متعارف ڪرايون وينديون.

  1. پنهنجي قيادت ۽ جماعت سان بيوفائي بابت سوچي به نٿو سگهان: احسن اقبال

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پنهنجي قيادت ۽ جماعت سان ڪڏهن به بيوفائي ڪرڻ جو سوچي به نٿو سگهان، هڪ خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مان به نفرت ۽ انتهاپسندي جو نشانو  بڻجي چڪو آهيان، الله تعاليٰ هڪ نيئن زندگي ڏني آهي. سوشل ميڊيا تي ماڻحو نفرت واري پروپگينڊا ڪري رهيا آهن،

هن چيو ته مخصوص لابي طرف منهنجي استعيفيٰ جون خبرون هلايون پيون وڃن، هن چيو ته فيض آباد ڌرڻي جو مقصد اسان جي حڪومت کي ختم ڪرڻ هو، معاشري ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ انتهاپسندي کي هوا ڏني وئي، هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي آپريشن جو مستقبل علاج ناهي، ضروري آهي ته سڀ نيشنل ايڪشن پلان تي هلن، احسن اقبال وڌيڪ چيو ته پنهنجي قيادت ۽ جماعت سان بيوفائي بابت ڪڏهن به سوچي نٿو سگهان، هن چيو ته قرضن مان نڪرڻو آهي ته پنجن سالن جو استحڪام گهرجي، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي غور ڪرڻ گهرجي ته هو پنهنجي لاءِ ڇا ٿي چاهي، پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا کان ادارن خلاف ڪريل مهم هلي رهي آهي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ هجي يا عدليه، سڀني کي خبر آهي ته ملڪ جي ڇا صورتحال آهي، هن چيو ته حڪومت ۾ مقرريون ۽ بدليون وزيراعظم جي صوابديد آهن، هن چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم چاهي ٿو ته ڊپٽي چيئرمين الڳ هجي ته مون کي ڪو به اعتراض ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.