ڪوئٽا (پ ر) نيشنل پارٽي جي ميمبرن گوادر معاملي تي صوبائي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. گوادر ۾ پرامن احتجاجي جلسي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ مير اشرف حسين جي گرفتاري خلاف واڪ آئوٽ کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي خير جان بلوچ ۽ ڪلثوم نياز بلوچ گوادر ۾ پرامن احتجاجي ميڙاڪي تي فورسز طرفان طاقت جي استعمال، شيلنگ، تشدد ۽ نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مير اشرف حسين جي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ سندس پٽن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي.