ڪوئيٽا (پ ر) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي گوادر ڌرڻي جي معاملي تي ڌرين کي فوري طور تي ڳالهين جي اپيل ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ صادق سنجراڻي گوادر ۾ پرتشدد واقعن ۽ ايف سي اهلڪار جي مارجڻ جي مذمت ڪئي. هن اپيل ڪئي ته مظاهرين حڪومت سان ڳالهيون ڪن، پرتشدد واقعا ڪنهن مسئلي جو حل نه آهن.