مظاهرين جي حملي ۾ اهلڪار شهيد، 16 جوان زخمي ٿيا: آءِ ايس پي آر \فوج پرامن احتجاج تي فائرنگ ڪري ڪارڪن زخمي ڪيا: بلوچ اڳواڻ

گوادر/ ڪوئيٽا( م ڊ) گوادر ۾ بلوچ قومي اجتماع کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪرڻ بعد فورسز جي تشدد ۾ ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن زخمي ۽ گرفتار ٿيڻ جا اطلاع آهن.  آءِ ايس پي آر الزام لڳايو آهي ته پرتشدد هجوم جي حملي ۾ فوجي شهيد ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، بلوچستان جي شهر گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ ڊيوٽي تي مقرر سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو . آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملي ۾ 30 ورهين جو سپاهي شبير بلوچ شهيد ٿي ويو ۽ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي جوان زخمي ٿي پيا آهن. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز تي حملي باوجود انتهائي برداشت جو مظاهرو ڪيو، هجوم جون احتجاج جي نالي تي پُرتشدد ڪارروايون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آءِ ايس پي آر شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته پروپيگنڊا جو شڪار نه بڻجن، پرسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن امان خراب ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا تي جعلي تصويرون ۽ وڊيوز استعمال ڪري بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي غيرقانوني پرتشدد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪئي وئي.  ٻئي طرف بلوچ سوليڊريٽي ڪميٽي الزام هنيو آهي ته پاڪستاني فوج ۽ ايف سي هڪ پرامن بلوچ قومي ميڙاڪي تي حملو ڪيو آهي. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي الزام مڙهيو آهي ته جلسي کي هر طرف کان گهيرو ڪيو ويو آهي، پرامن مظاهرين تي فائرنگ ۽ تشدد ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن ۽ ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪومت گوادر ۾ پرامن مظاهرين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ فوج سڄي شهر کي بندوق جي زور تي يرغمال بڻائي رهي آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته اسان کي زخمين کي ٻاهر ڪڍڻ جي اجازت ناهي ڏني پئي وڃي ۽ ايمبولينس کي به رستو نه ٿو ڏنو پيو وڃي. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته بلوچستان جي قومي اجتماع ۾ شرڪت ڪندڙن جا ارادا پرامن ناهن. هنن چيو ته جڏهن اسان ٻڌايو هو ته توهان ان جاءِ تي پڪو نه ڪيو ته پوءِ ڪهڙي اجازت گهري وئي؟ جيڪڏهن هو پرامن رهڻ چاهين ها ته تربت ۾ جلسو ڪن ها. بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هي ڪيئن امن پسند ماڻهو آهن جيڪي ايف سي تي فائرنگ ڪن ٿا. بلوچستان جي ساحلي شهر گوادر ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران بلوچ قومي اجتماع ٻن مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. وادر ۾ مئرين ڊرائيو تي ٿيندڙ هن جلسي ۾ شرڪت لاءِ عورتن سميت هزارين ماڻهو رڪاوٽون ٽوڙي پهتا. رات دير تائين جلسو جاري رهيو جنهن کي ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ، سميع دين بلوچ، صبغت الله شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو.  بلوچ اتحاد ڪميٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پهريون قومي اجتماع صرف هڪ ڏينهن لاءِ ٿيڻو هو.  پر مبينه رياستي جبر سبب گوادر ۾ ٻن مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو هنيو پيو وڃي. انهن مطالبن ۾ شامل آهي ته جلسي جي سلسلي ۾ گرفتار سمورن ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي خواهش رکندڙن جي رستي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن.   ٻئي طرف گوادر وڃڻ لاءِ روانا ڪيل قافلن کي جتي به روڪيو ويو آهي انهن هنڌن تي ڌرڻو جاري آهي. ڪوئيٽا کان ايندڙ قافلو اڃا چاليهه ڪلوميٽر پري مستونگ واري علائقي ۾ آهي ۽ ان ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي تي بيٺا آهن. گوادر ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ چيو ته رياست گوادر ۾ ٿيندڙ بلوچ قومي اجتماع کي روڪڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو پر اڄ سڄي بلوچستان ۾ بلوچ قومي اجتماع منعقد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته گوادر جي گهٽين ۾ فورسز مقرر ڪري ماڻهن کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گوادر جي عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ ٻاهر نڪري رياستي ادارن کي ٻڌايو ته سندن ظلم ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ چيو ته عالمي قوتون ۽ عالمي انساني حقن جي تنظيمن کي بلوچستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته گوادر جي نالي تي سمورا سرمائيدار هتي پهتا آهن پر جڏهن گوادر جو عوام پرامن سياسي پروگرام ڪرڻ چاهي ٿو ته سڄي گوادر کي هر طرف کان بند ڪيو ويو آهي. بلوچستان جو گهرو وزير ميرضياءُ الله لانگو گوادر پهچي گوادر جي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڌرڻي جي شرڪن سان ڳالهيون ڪندو. هوڏانهن  گوادر ۾ بلوچ قومي اجتماع تي فورسز ڪڙڪي پئي، ماهه رنگ کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش، سمي دين، ڊاڪٽر سعديه، صبغت الله شاهه سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. اسٽيج طور استعمال ٿيندڙ گاڏي کي باهه لڳائي وئي آهي. ان کان سواءِ ماهه رنگ ۽ ڊاڪٽر سمي دين کي نشانو بڻائڻ لاءِ آيل ٻه شڪي ماڻهو به پڪڙيا ويا آهن، جن کان پستول ۽ سيٽلائيٽ فون هٿ ڪيا ويا آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب گوادر پوليس بلوچ سوليڊرٽي ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ سمي دين بلوچ، صبغت الله شاه  ۽ ڊاڪٽر صبيحه کي گرفتار ڪري ورتو آهي، اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته لاٺي چارج ۾ ٽيئي اڳواڻ زخمي ٿي پيا.

ڪوئيٽا ( يار محمد بروهي ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي گوادر ۾ جاري ڌرڻي جي هڪ طرفي تصوير سوشل ميڊيا تي ڏيکاري ” پروپيگنڊا “ جي مذمت ڪندي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪائونسل کي  ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي. بلوچستان اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته گوادر جي واقعي کي ڀارت ۽ برطانيا اُٿاريو جڏهن ته اسان جي ڪجهه سياسي اڳواڻن به پنهنجي ووٽ بئنڪ خاطر هڪ طرفي ڳالهه ڪئي جڏهن ته گوادر ۾ پُرتشدد هجوم سيڪيورٽي فورسز تي حملا ڪيا آهن. هن چيوته عام شهرين جي حفاظت جي ذميواري حڪومت جي آهي، صوبي ۾ جڏهن غير مقامي ماريا ۽ اغوا ڪيا ويندا آهن ته اسيمبلي ۾ ڪو به سياسي اڳواڻ ناهي ڳالهائيندو جڏهن ته ڪجهه سياسي اڳواڻ گم ٿيل ماڻهن واري معاملي تي بيان بازي ڪري اسان سان اڪيلي ۾ ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪندا آهن. سرفراز بگٽي چيو ته پيپلز پارٽي جهموريت تي يقين رکي ٿي ۽ فلحال اسان جا در ڳالهين لاءِ کليل آهن، اپوزيشن سان جيڪي ماڻهو ڳالهيون چاهين ٿا اُهي اچن اسان تيار آهيون ۽ حڪومت جو پيغام کين پهچائين، اسان هڪ شئي کانسواءِ مظاهرن جون سڀ ڳالهيون مڃڻ لاءِ تيار آهيون. مستونگ ۽ گوادر واقعن خلاف بلوچستان بار ايسوسي ايشن جي سڏ تي سومر تي صوبي جي مختلف عدالتن جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو، جڏهن ته بار رومز تي ڪارا جهنڊا هنيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.