غريبن کي سولر پينل ۽ 100 يونٽ بجلي مفت ڏيڻ جي تجويز

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ حڪومت بجلي جي کوٽ سبب غريب عوام کي سولر پينل ۽ 100 يونٽ بجلي مفت فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 2 لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪري انهن کي ٽي ايل اي ڊي بلب، 35 ڊبليو ڊي سي فين ۽ 100 واٽ پينلز مهيا ڪياويندا، جن جي گنجائش 6 ڪلاڪ بيٽري بيڪ اپ ۽ موبائل چارجنگ پورٽ آهي.ناصر حسين شاهه سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته جيڪڏهن وڏي مقدار ۾ سامان خريد ڪيو وڃي ته في ايس ايم ايس جي قيمت پنج هزار پنج سئو رپيا هوندي.اجلاس ۾ توانائي واري صوبائي وزير ناصر شاهه وڏي وزير کي مائيڪرو گرڊز جي حوالي سان تجويز پيش ڪئي ۽ چيو ته 6 مائيڪرو گرڊز جن مان هر هڪ 75 ڪلو واٽ آهي 100 گهرن جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڊويزنل سطح تي قائم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.