مريم اورنگزيب پي ٽي آءِ جي بک هڙتال کي ”ڊائيٽ پلان“ قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي بک هڙتال کي ”ڊائيٽ پلان“ قرار ڏئي ڇڏيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب چيو ته 3 وڳي شروع ٿيندڙ بک هڙتال هڪ ڊائٽ پلان آهي  جيڪا شام 7 وڳي ختم ٿيندي آهي، اها بک هڙتال جيڪا شام جي ماني کان اڳ ختم ٿي ويندي آهي، اها به مذاق آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته 9 مئي سانحي جي لاءِ ” انٽر مٽنٽ فاسٽنگ“ٿي رهي آهي ۽ رڳو 4 ڪلاڪن جي ”ڊائيٽ پلان“ تي عمل ٿي سگهي ٿو،هن چيو ته ملڪ کي مهانگو ۽ عوام کي بکيو ڪرڻ وارا 4 ڪلاڪ جي بک هڙتال جي ئي مذاق ڪري سگهن ٿا.  هن چيو ته 9 مئي جو ڏوهاري جنهن 25 ڪروڙ ماڻهن کي بک تي ماريو، ان لاءِ صرف 4 ڪلاڪ ئي بک هڙتال ڪري سگهجي ٿو.  پنجاب جي سينيئر وزير چيو ته جنهن قومي ملڪيتن ، شهيدن، قائداعظم جي گهر کي ساڙڻ، پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن جي مٿن کي ڦاڙڻ جو اعتراف ڪيو اهو سزا جو مستحق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.